وومينز ايشيا ڪپ: چماري جي تاريخي سينچري، سريلنڪا جي ملائيشا کي شڪست

دمبولا ( ويب ڊيسڪ ) وومينز ايشيا ڪپ ۾ چماري اٽاپٽو جي سينچري جي مدد سان سريلنڪا ملائيشيا کي 144 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي گروپ بي ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
دمبولا ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪن ڪپتان چماري اٽاپٽو 69 بالن تي وومينز ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، هن 14 چوڪن جي مدد سان 119 رنسون ٺاهيون، ٻين بيٽرز ۾ انوشڪا 31، هرشيتا 26 ٺاهي نمايان رهي.
سريلنڪا جي 185 رنسن جي جواب ۾ ملائيشين ٽيم جي بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 20 هين اوور ۾ 40 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي.
ايلسا هنٽرهي ڊبل ۾ داخل ٿيندڙ اڪيلي بيٽر هئي جڏهن ته ڏهه ملائيشين پليئرز ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيون.
سريلنڪا جي شاشني گمهاني ٽي جڏهن ته ڪويشا دلهاري ۽ ڪاويا ڪوندي ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بيٽنگ تي چماري اٽاپٽو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.