راحت فتح علي خان دبئي ۾ گرفتاري واريون خبرون رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور راڳي راحت فتح علي خان دبئي ۾ پنهنجي گرفتاري وارين خبرن تي ردعمل ڏنو آهي.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ راحت فتح علي خان دبئي ۾ پنهنجي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي.
راحت فتح علي خان چيو ته دبئي ۾ گيت رڪارڊ ڪرائڻ آيو آهيان، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو، اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ راحت فتح علي خان جي دبئي ايئرپورٽ تان گرفتاري جون خبرون سامهون آيون جنهن ۾ چيو ويو هو ته راحت فتح علي خان کي گرفتار ڪري بُرج دبئي پوليس اسٽيشن ۾ رکيو ويو آهي.
ذريعن موجب، راحت فتح علي خان جي اڳوڻي مئنيجر سلمان احمد سندس خلاف دبئي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي.
ذريعن جو چوڻ هو ته راحت فتح علي خان پنهنجي هڪ ڪنسرٽ جي سلسلي ۾ دبئي پهتو هو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته راحت فتح علي خان ڪجهه ڏينهن اڳ مئنيجر سلمان احمد کي تڪرار کانپوءِ برطرف ڪري ڇڏيو هو، راحت فتح علي خان ۽ اڳوڻي پروموٽر سلمان هڪ ٻئي خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.