ڪراچي:استادن جو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ،پوليس جي لٺبازي،ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس پاران استادن مٿان لٺبازي ڪئي وئي.
آل سنڌ ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي ۽ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سي ايم هائوس آڏو مارچ ڪيو ويو.
استادن پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ دوران پوليس لٺبازي ڪري ڏني، ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا.
استادن جو چوڻ هو ته جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو پئي ته پوليس لٺبازي ڪئي آهي.
karachi protest sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.