ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اسيمبلي ميمبر ڪنگنا رناوت جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست لاءِ جاويد اختر عدالت پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نامياري ليکڪ ۽ وڪيل جئه ڀردواج ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس ۾ اداڪارا جي عدالت ۾ مسلسل غير حاضري سبب درخواست جمع ڪرائي آهي.
اداڪارا کي گذريل هفتي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو پر هوءَ حاضري نه ٿي، جنهن تي جاويد اختر جي وڪيل عدالت ۾ درخواست ڏني ته ڪنگنا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.
عدالت درخواست التوا هيٺ رکي ڇڏي ۽ ڪنگنا رناوت کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته اداڪارا جي وڪيلن هڪ حلف نامو ڏنو ته هوءَ نوَ سپٽيمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيندي.
ياد رهي ته جاويد اختر طرفان نومبر 2020 ۾ مقامي عدالت ۾ اداڪارا جي خلاف ساک کي نقصان رسائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي وئي.
Next Post
You might also like