غير مناسب اگهه ۽ وڌندڙ خرچن سبب 6 مهينن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ هاري آپگهات ڪري چڪا

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست مهارشٽرا ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي ڇهن مهينن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ هاري آپگهات ڪري چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، جنوري 2024ع کان جون 2024ع تائين مهارشٽرا ۾ 1267 هارين پنهنجن ئي هٿن سان زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو.
ڀارت جي نيشنل ڪرائم رڪارڊز بيورو (اين سي آر بي ) موجب، 2022ع ۾به سموري ملڪ ۾ هارين جي آپگهات جي ڪُل واقعن مان 37 ڏهائي 6 سيڪڙو واقعا مهارشٽرا ۾ رپورٽ ٿيا هئا.
اين سي آر بي موجب، 2022ع ۾ زرعي شعبي سان سلهاڙيل يارنهن هزار ٻه سئو نوي ماڻهن آپگهات ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جو روزگار جو وسيلو زراعت آهي، ملڪ ۾ هارين جي وڌندڙ آپگهات جي واقعن کانسواءِ لکن جي انگ ننڍا هاري پنهنجي فصلن جي غيرمناسب اگهن ۽ وڌندڙ خرچن سبب پريشان آهن.
ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڌندڙ عدم اطمينان به حڪومت لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ اِهي خودڪشيون ڀارتي هارن کي درپيش صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.