لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ مشاورت خلاف پي ٽي آءِ عدالت پهچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪِ انصاف پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ ٻن آئيني عهديدارن ۾ مشاورت جي سپريم ڪورٽ واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ چار جولاءِ جي حڪم نامي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ ڪو بنياد نه ٻڌايو ويو، عدالتي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چار اپريل وارين اليڪشن ڪميشن جي نامزدگين کي به معطل ناهي ڪيو ويو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ ججز نامزدگين جو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ ججز نامزدگين ۾ ڪو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ وارو فيصلو معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري.
ياد رهي سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيون جي جوڙجڪ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۾ مشاورت جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.