پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ وارو فيصلو رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي فلاح بهبود بابت ڪيئي اهم معاملن غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ
۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
نائب وزيراعظم کي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپور جاري ڪرڻ جي سهولت بابت آگاهي ڏني.
اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ وارو پنج جون 2024 واري سرڪلر کي فوري طور واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
لاڳاپيل اختيارين نائب وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن اندر جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.