جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج، عمران خان جو وڏو اعتراف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 14 مارچ تي سندس گهر زمان پارڪ تي پوليس ۽ رينجرز چڙهائي ڪئي، جيتوڻيڪ منهنجن وڪيلن خاطري ڪرائي هئي ته اسان جاچ ۾ شامل به ٿينداسين ۽ گرفتاري به ڏينداسين.
عمران خان چيو ته 18 مارچ تي جڊيشل ڪمليڪس تي وري پوليس مون تي حملو ڪيو، جڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر شيلنگ ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي اندازو ٿي ويو هو ته مون کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته پنهنجي گرفتاري کان اڳ جي ايڇ ڪيو جي آڏو پرامن احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.