پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته موجوده گورنر ميڊيا ۾ اچڻ لاءِ صوبائي حڪومت خلاف نفرت انگيز بيان ڏئي رهيو آهي، بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته موجوده گورنر جي يادداشت به ڪمزور آهي. صوبي ۾ لاقانونيت ان وقت عروج تي هئي جڏهن وفاق ۽ هتي توهان جي پارٽي اقتدار ۾ هئي.هن وڌيڪ چيو ته گورنر اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن جڏهن ڊي آءِ خان اسلام آباد کان پشاور ويندو هو. هن چيو ته گورنر تقريب ۾ شرڪت کان اڳ پنهنجي نه ته عهدي جي عزت جو خيال رکي .
-
ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي سنگين آهي: گورنر
مانسهره (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي انتهائي سنگين قرار ڏئي ڇڏيو آهي، مانسهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبائي حڪومت پبلڪ آرڊر ۽ بنون واقعي تي ڪابينا جو اجلاس نه گهرائي سگهي آهي، ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس به هينئر تائين ممڪن ناهي رهيو.گورنر ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت صوبي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت اسيمبلي ميمبرن کي آگاهه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. بنون واقعي کانپوءِ به صوبائي ڪابينا جو خاص اجلاس نه گهرايو ويو.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کان بدلو وٺي رهيو آهي، اسد قيصر کي روزانو چڪر لڳرائڻ به مولانا جي فتح آهي، جي يو آءِ جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون ڪي پي ۾ آهن، سندس مينڊيٽ پي ٽي آءِ چوري ڪيو.فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، گورنر راڄ لاڳو ڪري سياسي يتيمن کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏينداسين.