ڪراچي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، هڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪ ڪالوني گٽر باغيچا ويجهو پوليس ۽ ٽن هٿياربندن وچ ۾ مقابلو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ايس ايس پي ڪياماڙي ڪيپٽن ( ر) فيضان علي موجب موٽرسائيڪل تي سوار 3 هٿياربند جوابدار گٽر باغ ويجهو ڦر ڪري رهيا هئا. هوڏانهن مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس ۽ ڦورن  وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ايس ايس پي ڪياماڙي جي ترجمان موجب مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدارن وٽان سٽي سپر هاءِ وي واري علائقي مان چوري ٿيل هونڊا 125 موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي. جوابدارن جي سڃاڻپ مارجي ويل عابد ولد قمر دين بوزدار ۽ زخمي جي بابر ولد الله دين بوزدار طور ٿي آهي. جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.