واٽس ايپ ۽ فيس بڪ سروس ۾ رڪاوٽون، صارف پريشان

اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾  سوشل نيٽ ورڪنگ ايپليڪيشن واٽس اپ ۽ فيس بڪ جون خدمتون متاثر ٿيون آهن. موبائل انٽرنيٽ ذريعي واٽس اپ تي تصويرون، وڊيوز ۽ آڊيو ميسيجز موبائل انٽرنيٽ ذريعي ڊائون لوڊ نه ٿي رهيا آهن پر اهي شيون واءِ فاءِ ذريعي ڊائون لوڊ ٿي رهيون آهن. صارفين  کي پيغام پهچائڻ ۽ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ڪجهه صارفين ان کي حڪومت طرفان انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙن تي فائر والز لڳائڻ کي قرار ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف پي ٽي اي ان معاملي تي ڪو به موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.