محمد خان لنڊ پاران ايل بي او ڊي انتظاميا خلاف مزاحمت جو اعلان

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ( پيپلزپارٽي جي باغي اڳواڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي جهوني ڪارڪن ۽ مزاحمتي ڪردار محمد خان لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي هلندڙ ڪم ۾ ڪرپشن کانپوءِ هتي جي غريب ماڻهن جون سروي زمينون خراب ڪري وڏا کڏا هڻائي ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هتي صرف لنڊ برادري نه پر هر برادري جي ماڻهن سان ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن زيادتيون ڪيون آهن، هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڪاٺڙي پل تان ڪراس لاءِ بيٺل لنڊ برادري جي عورتن تي هٿيار تاڻيا ويا ۽ هن چيو ته جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت جو حمل ضايع ٿي ويو آهي، هن چيو ته ٺيڪيدار ۽ ڪامورن هڪڙي لڪڙن جي پل جوڙائي اسان جا چار ماڻهو ڪرائي ٻوڙائي ماريا ويا آهن. هن چيو ته منهنجي ملڪ جي ناليواري وڪيلن سان رابطو ٿيو آهي اڄ انهن ڪرپٽ ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن خلاف پٽيشن  داخل ڪرائي ويندي، واضع رهي ته هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن جون ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ باوجود هن محل تائين اختيارين ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي ورتو، ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن اسان جي ماڻهن خلاف ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آهي اسان جي برادري جي عورتن تي هٿيار تاڻي ويا، ھاڻي خاموش نه رهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.