ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو پکڙجي وئي آهي، جناح اسپتال ۾ روزانو 70 کان 80 ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گٽرن جو پاڻي پيئڻ جي پاڻي سان ملي ويو آهي، جيڪو واپرائڻ سبب گيسٽرو پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، جناح اسپتال ۾ روزانو 70 کان 80 ماڻهو داخل ٿي رهيا آهن.ڊاڪٽرن موجب هن وقت سڀ کان وڌيڪ مريض معدي جي بيماري جا اچي رهيا آهن، جناح اسپتال ۾ عام طور تي 30 کان 40 گيسٽرو جا مريض اچي رهيا آهن.طبي ماهر موجب ڪراچي ۾ مون سون جي شروعات کان ئي گيسٽرو جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ برساتن ۾ ڪيس وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي.