عوامي احتجاج جي سوڀ، بنگلاديش ۾ 93 سيڪڙو نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ جو حڪم

ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج رنگ لاٿو، سپريم ڪورٽ 93 سيڪڙو نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم  تحت ڀرتين کان روڪيندي هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي.بنگلاديشي ميڊيا موجب بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪوٽا تحت ڀرتين کان روڪي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ کان روڪيو آهي، جڏهن ته ڪوٽا سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ناهي ڪيو.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 5 سيڪڙو نوڪريون آزادي واري جنگ جي اڳوڻن فوجين جي ٻارن لاءِ، 2 سيڪڙو نوڪريون ٻين ڪيٽيگريز لاءِ هونديون، باقي 93 سيڪڙو نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن.ياد رهي گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي بحال ڪيوهو، جنهن خلاف احتجاج دوران وڳوڙن ۾ 133 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، مظاهرين کي روڪڻ لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪرفيو لاڳو آهي.ٻي پاسي عدالتي فيصلي باوجود شاگردن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پرامن احتجاج دوران مارجي ويل شاگردن کي انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.