پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود جو سياست ڇڏڻ جو اعلان، ڪارڻ به ٻڌائي ڇڏيائين

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود سياسي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شفقت محمود لکيو ته گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مون سياست تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنهنجي باقي زندگي ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ چاهيان ٿو.
شفقت محمود پنهنجي بيان ۾ چيو ته اِهو فيصلو نه ڪنهن جي دٻاءُ جو نتيجو آهي نه ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شموليت جو ارادو آهي، سياسي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان وقت ۽ عمر جي گهرج سبب ڪيو آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيوته پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي خدمت جو موقعو فراهم ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ تڪ جي ووٽرز جو به ٿورائتو آهيان جن ٻه ڀيرا نمائندگي جو موقعو ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.