ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا تي ڀرتي بابت هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو.
مقامي ميڊيا موجب، بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم بحالي خلاف ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني قرار ڏيندي حڪم تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو.
پرڏييهي ميڊيا موجب، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد روڪيو پر ڪوٽا سسٽم مڪمل ختم ناهي ڪيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پنج سيڪڙو ملازمتون آزادي جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻن فوجين جي ٻارن لاءِ آهن، ٻه سيڪڙو ٻين ڪيٽيگريز لاءِ مختص رهنديون جڏهن ته 93 سيڪرو سرڪاري ملازمتون ڪوٽا کانسواءِ ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون.
ياد رهي ته گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري ملازمتن ۾ وٽا سسٽم کي بحال ڪيو هو.
ٻئي پاسي بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن جي ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ۽ پُرتشدد مظاهرن کي روڪڻ لاءِ ڪرفيو ۾ اڄ منجهند تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
مقامي ميڊيا موجب، ڍاڪا جي روڊن تي سيڪيورٽي اهلڪار گشت ڪري رهيا آهن، پرتشدد مظاهرن ۾ فوتگين جو انگ 133 ٿي ويو آهي، مارجي ويل ماڻهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن جڏهن ته ڏيڍ سئو پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
حڪومت جي هدايت تي انٽرنيٽ، ٽيڪسٽ ميسج ۽ اوررسيز سروسز 18 جولاءِ کان معطل آهن، جڏهن سموري ملڪ ۾ تعليم ادارا ۽ سرڪاري آفيسون به بند آهن
احتجاج ڇو ٿي رهيو آهي؟
بنگلاديش ۾ 1971ع ۾ جي جنگ ۾ حصو وٺندڙن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ خلاف گذريل ڪيئي ڏينهن کان شاگردن جو احتجاج جاري آهي ۽ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن جي پوليس ۽ حڪمران جماعت عوامي ليگ جي شاگرد ڌڙن سان چڪريون ٿي رهيون آهن.
بنگلاديش ۾ سرڪاري ملازمتن جو 56 سيڪڙو حصو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي جنهن ۾ 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون 1971ع جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن، ڏهه سيڪڙو عورتن ۽ ڏهه سيڪڙو مخصوص ضلعن جي رهواسين لاءِ مختص آهن.
You might also like