فرينڪفرٽ ( ويب ڊيسڪ ) جرمنيءَ جي شهر فرينڪفرٽ ۾ افغان شهرين طرفان پاڪستاني قونصل خاتي تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پاڪستان پرچم لاهي ڇڏيو.
پاڪستاني سفارتي اختيارين فرينڪفرٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي جرمن گهرو وزارت آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي واقعي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، افغان شهرين فرينڪفرٽ ۾ احتجاج دوران پاڪستاني قونصل خاني تي چڙهائي ڪئي، پٿراءُ ڪيو ۽ پوءِ پرچم به لاٿو جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهنته افغان شهرين پاڪستاني پرچم ساڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.
جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قونصل خاني تي شرپسندن ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي، جرمن اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي، بيان ۾ پاڪستاني برادري کان صبر ۽ پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
پاڪستان اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي سفارتي ٿاڪن جي سيڪيورٽي جي ذميواري جرمن حڪومت جي آهي، ان معاملي تي عالمي برادري ۾ به سفارتي ٿاڪن جي سيڪيورٽي واري معاملي تي ڳڻتي آهي.
ٻئي پاسي جرمن اختيارين طرفان پاڪستاني سفارتي عملدارن کي مڪمل جاچ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پاڪستاني سفارتي اختيارين موجب، جرمن پوليس شروعاتي جاچ ڪري پاڪستان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج عنصر فرينڪفرٽ کانپوءِ اڄ برلن ۾ به احتجاج ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جرمن اختيارين سوشل ميڊيا تي ان معاملي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
جرمنيءَ ۾ افغان شهرين جو پاڪستاني قونصل خاني تي حملو، پرچم لاهي ساڙڻ جي ڪوشش
Prev Post
You might also like