ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪرن جي وسڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي طرفان اڄ به ڪراچيءَ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.
برسات جو اِهو سلسلو شهر جي مختلف علائقن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو آهي.
شهر مختلف علائقن ملير، ايئرپورٽ، سهراب ڳوٺ، صفورا چورنگي، گلشنِ اقبال، يونيورسٽي روڊ ۽ گلستانِ جوهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کانسواءِ شارع فيصل، سرجاڻي ٽائون ۽ ايف بي ايرا ۾ برسات پئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات وسائيندڙ سسٽم شهر جي اولهه ۽ سينٽرل ضلعن اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.