اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ 18 جولاءِ تي ٿيندڙ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي 17هين اجلاس جا منٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن، دستاويز موجب مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري معاملي تي بحث ڪيو ويو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته نظر ثاني رڳو 13 جج ٻڌي سگهن ٿا، جن بنيادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، تفصيلي فيصلو به ٻڌايو ويو آهي.جاري ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو ته ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن کانپوءِ ٿيندي، دستاويز موجب چيف جسٽس موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر فوري نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي تي اختلاف ڪيا.چيف جسٽس چيو ته ماڻهن جا آئيني حق اسان جي موڪلن کان وڌيڪ اهم آهن، اپيلن تي جلد ٻڌڻي نه ڪرڻ ناانصافي هوندي.جسٽس منيب اختر چيو ته رولز موجب عدالتي سال سيپٽمبر جي ٻئي سومر کان شروع ٿئي ٿو، چيف جسٽس 15 جولاءِ کان عدالتي موڪلن جو اعلان ڪيو، موڪلون ڪنهن به رولز موجب رد نه ٿي سگهن، ڪميٽي يا چيف جسٽس به موڪلون رد نه ٿو ڪري سگهي.