اسلام آباد( معظم فخر) سپريم ڪورٽ ريفارمز ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس منصور علي شاهه جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اهو جج ، چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿو جنهن جو لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ پهريان چيف جسٽس جي عهدي تي ڪم ڪرڻ جو تجربو هوندو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ريفارمز ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس منصور علي شاهه جي اهڙي تجويز کي جڊيشل ڪائونسل منظور ڪري ورتو ته پوءِ جسٽس منيب اختر، عائشه ملڪ ۽ شاهد وحيد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ٿيڻ واري ڊوڙ مان ئي ٻاهر نڪري ويندا، ڇو جو انهن جو لاڳاپيل صوبن جي هاءِ ڪورٽن ۾ چيف جسٽس جي عهدي ته ڪم ڪرڻ جو ڪوبه تجربو نه آهي. ان بعد ئي سپريم ڪورٽ ۾ عمران حامي ججن جي مقرريءَ جو به خاتمو اچي ويندو. واضع رهي ته جسٽس منصور علي خان، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسى جي چيف جسٽس جي عهدي تان ريٽائر ٿيڻ بعد جسٽس منصور علي خان ئي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس ٿيندو.
-
چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل
اسلام آباد (م ڊ))چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ميمبرن جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي. شڪايت حليم عادل شيخ، جسٽس(ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد گڏيل طور تي داخل ڪئي آهي، شڪايت جي متن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، انهن تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ ۽ عدالتي فيصلن کي هيٺاهون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، حليم عادل شيخ، جسٽس(ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر مس ڪنڊڪٽ جا مرتڪب ٿيا آهن، اليڪشن ڪميشن سياسي طور تي مقرر بيورو ڪريسي کي آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪيا. شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر انڪشاف ڪيو ته راولپنڊي جي هر تڪ ۾(ن) ليگ کي 70 هزار ووٽ وجهرائي کٽرايو ويو. لياقت چٺه اهو به انڪشاف ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس انهيءَ عمل ۾ ملوث آهن، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي اڳ چونڊ نشان پوءِ ان جي نامزد ميمبرن کي پارٽي نالي کان محروم ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي قدمن سبب 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽرز متاثر ٿيا. شڪايت ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن تي لڳايل الزامن جي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ انڪوائري ۾ الزام ثابت ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي برطرفي جي سفارش ڪئي وڃي.ڍ
-
عمران خان جي زندگيءَ کي خطرو آهي:بشريٰ بي بي
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي چيو آهي ته عمران خان جي زندگيءَ کي خطرو آهي، مونکي پنهنجي به جيئري رهڻ جي خبر ناهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته اهي ڳالهيون انڪري رڪارڊ تي آڻڻ ٿي چاهيان ته خبر ناهي جيئري رهندس يا نه، عمران خان کي پهريان به زهر ڏنو ويو هو ۽ مٿس فائرنگ به ڪئي وئي. اڳوڻي وزير اعظم جي گهرواريءَ وڌيڪ چيو ته عمران خان کي زهر ڏيڻ جي حوالي سان اسان جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، ان جو فيصلو نٿو ڏنو وڃي. بشريٰ بي بي صحافين کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهر ۾ لڳل بلٽ پروف شيشو ٽوڙيو ويو، پوليس عمران خان جي منهن تي ڪپڙو وجهي گهليندي کڻي وئي هئي.
-
ججن کي ڊيڄارڻ لاءِ مارشلا جون ڳالهيون پيون ٿين: فواد چوڌري
لاهور(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سياسي ڪيس ريٽائرڊ ججن آڏو رکڻ مناسب ناهي، مريم نواز کي خطرو آهي جيڪڏهن فارم 45 کوليو ته سندس پنهنجي سيٽ خطري ۾ اچي ويندي. لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل نه ڪرڻ جو فيصلو سٺو آهي، اليڪشن ڪميشن کي به ان فيصلي کي قبول ڪرڻ گهرجي، اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو ٽربيونل تبديل نه ڪرڻ تمام سٺو فيصلو آهي، چيف جسٽس کي پنهنجي ججن سان گڏ بيهڻ گهرجي ها، رڳو ريٽائرڊ ججن اڳيان سياسي ڪيس هلائڻ مناسب ناهي حاضر سروس ججن کي اهي ڪيس ٻڌڻ گهرجن، هن چيو ته هڪ تاثر اهو به آهي ته ججن کي ڊيڄارڻ لاءِ مارشلا جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.