اسلام آباد (م ڊ) جوڊيشل ڪميشن جسٽس رٽائرڊ طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ ججز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منيب اختر پاران ٻنهي ايڊهاڪ ججن جي نالن تي مفالفت ڪئي وئي، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم جي مخالفت ڪئي، ٻن ججن راءِ ڏني ته جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل انڪار ڪري چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منيب اختر کانسواءِ ڪميشن جي سمورن ميمبرن رٽائرڊ جسٽس طارق مسعود جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي. هوڏانهن جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل به ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب جسٽس (ر) مظهر عالم ميان خيل جڊيشل ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته جسٽس (ر) مشير عالم ۽ جسٽس (ر) مقبول باقر اڳ ئي ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن.