اسلام آباد( تجزيو: معظم فخر) مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد صورتحال انتهائي مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي تي عملدرآمد پڻ ناممڪن ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثانيءَ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته حڪومت پاران وفاقي ڪابينا جو اجلاس پڻ ايندڙ هفتي ٿيندو جنهن ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي مڙهڻ لاءِ فيصلو عين ممڪن آهي ته ڪيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن تحريڪ انصاف تي پابنديءَ جو فيصلو ڪيو ويو ته پوءِ آئين جي آرٽيڪل نمبر 17 تحت ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو ويندو، اهڙي صورتحال جو انتهائي دلچسپ پهلو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي درخواست ۽ وفاقي ڪابينه جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٻن مهينن بعد ڪندي، اهڙي صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ انتهائي مناسب وقت ملي ويندو جنهن جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي اڳتي وڌندي. سموري صورتحال جو انتهائي دلچسپ پهلو وري اهو آهي ته تحريڪ انصاف جا جيڪي ميمبر چونڊن دوران تحريڪ انصاف تان استعيفى ڏئي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا هيا، ۽ وري چونڊن بعد اهي سني اتحاد ڪائونسل تان استعفى ڏئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ خلاف مسلم ليگ (ن) جي درخواست داخل آهي ۽ حڪومت پاران امڪاني طور تي تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ وارو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل آهي، هاڻي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي ٿي ڇڏي ته پوءِ اهڙي صورت ۾ مخصوص سيٽون ڪنهن کي ڏنيون وينديون اهو هڪ اهم ۽ بنيادي سوال آهي، ڇو؟، پارٽي ته آهي ئي ڪونه.ٻئي پاسي پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف پڻ لاهور جي ٽائون شپ واري علائقي ۾ هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪافي عرصي بعد سياسي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪندي مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي اها رعايت ڏني آهي جيڪا تحريڪ انصاف گهري ئي نه هُئي، جيڪڏهن 9- مئي جي ملزمن کي ان وقت ئي سخت سزائون ڏنيون وڃن ها ته اڄ صورتحال هن طرح جي نه هُجي ها. مريم نوا ز اها ڳالهه به سختيءَ سان چئي ته جيڪڏهن ڪنهن به قوت سياسي بي يقيني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي انتهائي سخت نموني جواب ڏنو ويندو.