ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ بلوچستان جي صحت کاتي جي وزير سردار فيصل خان جمالي وچ ۾ کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي مسئلي تي گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي وزيرن کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏيندي چيو ته کير ٿر ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي.