عدالتي فيصلي تي حيرت آهي، ججز ملڪ کي هلڻ ڏين: مريم نواز

لاهور (م ڊ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو  ته جنهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي اِهو قوم جو مجرم آهي، اِهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن کي ترقي سٺي نه ٿي لڳي. حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، ڪنهن به رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو، سندس چوڻ هو ته گذريل چئن، پنجن سالن ۾ معيشيت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت جي فيصلن سبب عوام کي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ملڪ جو سڀ کان وڏو سولر منصوبو پنجاب حڪومت آڻي رهي آهي، جڏهن ملڪ مستحڪم ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن کي تڪليف ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي نفسياتي حد تائين پهچي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.