مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي نظرثاني درخواست جو فيصلو، پي ٽي آءِ تي بندش تي غور ڪبو: پ پ

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ(ن) پاران اهم معاملن تي پيپلز پارٽي سميت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي حوالي سان ايوان صدر ۾ اهم ويهڪ ٿي گذري، جنهن ۾ ن ليگ پاران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزير قانون اعظم نذير  تارڙ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق شريڪ ٿيا، جڏهن ته احمد چيمه، عرفان قادر ۽ وزير اطلاعات عطاءُ تارڙ به شرڪت ڪئي. پيپلزپارٽي پاران فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان ۽ نيئر بخاري شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اٽارني جنرل شرڪت ڪندڙن کي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۽ عدالتي فيصلي تي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب وفاقي قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي فيصلي جي قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل منصور اعواڻ خاص طور تي ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي حڪومتي اتحادين وچ ۾ ملاقات لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي. مسلم ليگ ن جي قانوني ٽيم پي ٽي آءِ بابت فيصلن تي پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قانوني ٽيم انهن فيصلن جا مستقبل ۾ اثرانداز ٿيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پ پ اڳواڻن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي گهرجي ته ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺي، بنا ڪنهن اطلاع جي اعلان ڪرڻ مناسب ناهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي کان منظوري ورتي. ملاقات ۾ لاڳاپيل ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي پارٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته تحريڪ انصاف جو رويو جمهوري ناهي. جڏهن ته اجلاس دوران پيپلز پارٽي موقف اختيار ڪيو ته پابندي جو فيصلو سمورن رخن کي ڏسندي ڪيو وڃي، هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.