ٽي ٽي پي سربراهه جي ڪال ليڪ، پاڪستان ۾ سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سرڪاري اسڪول يا اسپتال کي ڌماڪي سان اڏائڻ واري ڳجهي ڪال سامهون اچي وئي آهي ، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه نور ولي محسود جو ڳجهي فون سامهون آيو آهي.سڪيورٽي ذريعن موجب ڪال ۾ نور ولي محسود پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جون هدايتون ڏئي رهيو آهي.فون ڪال ۾ نور ولي محسود کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن، پهريون طريقو سرڪاري اسڪول يا اسپتال کي ڌماڪي سان اڏائڻ آهي.پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سربراهه چيو ته هڪ ٻه اسڪول يا اسپتالون ڌماڪي سان اڏايون پر ذميواري قبول نه ڪئي وڃي، نور ولي محسود جو چوڻ آهي ته ٻيو طريقو پوليس ۽ فوجين جا گهر تباهه ڪرڻ جو آهي. نور ولي محسود چئي رهيو آهي ته مون اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ چيو آهي ته ڪنهن کي خبر نه پوي، جيڪڏهن ڪو پڇي ته پنهنجي ذمي کڻي وٺجو، مون کي ڪنهن به صورت ۾ ان ڪارروائي جو حصو نه بڻايو وڃي.ڳجهي ڪال ۾ احمد حسين عرف غٽ حاجي ثاقب گنڊاپور کي هدايتون ڏئي رهيو آهي ته اها ڳالهه ٻولهه اسان جي وچ ۾ آهي ، ڪنهن کي به ان جي خبر نه پوڻ گهرجي . احمد حسين جواب ۾  چئي رهيو آهي ته پوليس، فوج، ايف سي جي انهن ماڻهن جي گهرن کي ڌماڪي سان اڏائڻو آهي جيڪي اعليٰ عهدن تي هجن، يا ته اسڪولن کي بند ڪرڻ يا اڻ اعلانيل طور تي ڌماڪي سان اڏائڻ گهرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.