وڌندڙ سياسي جھيڙي ۾ ٽيڪنوڪريٽڪ سيٽ اپ جو پڙاڏو

تحرير: سيد مجاھد علي

ملڪ ۾ جيتري قدر سياسي گرمي پد  گهٽ ڪرڻ  ۽ قومي مسئلن تي اتفاق جي ضرورت تي زور ڏنو پيو وڃي، اوترو ئي سياسي اڳواڻ  چڙ ڏياريندڙ ٻولي استعمال پيا ڪن يا وري حڪومت جي اعلانن سان مفاھمت جو رستو ئي وڌيڪ ڏکيو بڻجي رھيو آھي.

حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي جو اعلان ڪري عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي طرف تحريڪ انصاف به مفاهمت جي ضرورت کي سمجهڻ کان انڪار ڪندي سياسي حل ڳولڻ کان انڪاري آهي. جيتوڻيڪ حڪومت هاڻي تحريڪ انصاف تي پابندي بابت موقف ۾ نرمي پئدا ڪري چڪي آهي ته ان بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو ۽ وڏي صلاح مصلحت بعد ڪنهن نتيجي تي پهچبو. سخت اعلان کانپوءِ حڪومت جي پٺ تي ھٽڻ سان پي ٽي آءِ کي سرچاءَ وارو ريو اختيار ڪرڻ کپي ھا،پر ان طرفان دٻاءُ وڌائڻ ۽ پروپيگنڊا کي هٿيار طور رکڻ جو سلسلو ڏٺو ويوآهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي ڪنهن جو پيءُ به پابندي نٿو لڳائي سگهي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن عوام کي عمران خان جو پيغام به پهچايو ته هي حڪومت پاگل ٿي چڪي آهي.اسان کي پنهنجيون سيٽون ملنديون، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چئني ڪمشنرن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. انهن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو وڃي.

آئيني عهدن تي فائز عملدران  خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪندڙ  پاڻ جيل ۾ آهي ۽ عالمي ادارن جي رپورٽن موجب سندس آزاد ٿيڻ جو امڪان ناهي. ان جي باوجود هو پنهنجي سياسي لهجي جي شدت ۽ تلخيءَ گهٽائڻ لاءِ تيار نه آهي. عمران خان جو خيال آهي ته اها انتها پسندي ئي مشڪل مالي صورتحال ۾ ڦاٿل حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پنهنجي مقبوليت وڌائڻ لاءِ لازمي  آهي. ھن وٽ قومي مفاد ثانوي بڻجي ويندا آهن.

عمران خان جو اهو اندازو ڪنهن حد تائين درست آهي. شهباز حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ سخت بجيٽ ٺاهڻ ۽ ٽيڪس وڌائڻ تي مجبور ھئي. پيٽرول ۽ بجلي جي قيمت مسلسل وڌي رھي آهي. جيتوڻيڪ سخت معاشي قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي جا انگ اکر سامهون آيا آهن ۽ معيشت ۾ بهتري جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن، جن مان هڪ آهي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري. اسٽيٽ بئنڪ به وياج جي شرح گهٽائڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته اهو هدف به حاصل ٿي ويندو. جنهن سان ملڪي صنعت ۽ عوام کي فائدو ٿيندو.

حڪومت ٻن سببن جي ڪري پنهنجو ڪيس طريقي سان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. هڪ طرف ته بجيٽ ۾ آمدنيءَ کي وڌائڻ لاءِ رڳو اڻ سڌيءَ ريت آمدنيءَ تي ڀروسو ڪيو ويو آهي، جنهن جو بار  عوام تي پئجي رھيو آهي. ناڻي وارو وزير ڪيترائي ڀيرا سخت قدمن جو ذڪر ڪري چڪو آھي، پر هو اهڙو ڪو به حڪومتي فيصلو رڪارڊ تي نه آڻي سگهيو آهي.نان فائلرز جي باري ۾ ناڪاري تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ٽيڪس ادا ڪندڙن جي شرح وڌائڻ لاءِ حڪومت ڪو به قدم نه کنيو آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ نوان گروپ شامل ڪرڻ روايتي طور تي سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو آهي. پيپلز پارٽي زرعي ٽيڪس جي مخالفت ڪري ٿي ان ڪري ملڪ جا زميندار محفوظ آهن ۽ مسلم ليگ (ن) سمجهي ٿي ته واپاري يا دڪاندار ان جا ووٽر ۽ همدرد آهن، ان ڪري ان گروهه کي سختي سان ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو ڪو به ارادو ناهي.

نتيجي ۾ سوشل ميڊيا ذريعي صحيح يا غلط بنياد تي سوال اٿاريا پيا وڃن.جنھن موجب ھي بھ تھ  اھو ڪٿي جو انصاف آهي ته ڪلارڪ  بجلي جو بل ادا ڪري، پر کاتي جو سيڪريٽري جيڪو اڳ ئي وڏيون پگهارون ۽ ٻيون مراعتون وٺي ٿو، ان کي بجلي جو بل نه ٿو ڏيڻو پئي.حڪومت انهن سوالن کي ڀلي اھم نھ  سمجهي، پر انهن سان جنم وٺندڙ مايوسي ۽ بحران پيدا  ڪم ڪن پيا.

بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ سياسي ورڇ گهٽائڻ بجاءِ ان کي وڌائڻ جي ڪوشش جاري آھي.تحريڪ انصاف بھ اهڙن معاملن کي پنهنجي سياسي بيانيه جو حصو بڻائيندي عوام کي اهو تاثر ڏئي ٿي ته ڪرپٽ حڪمران آءِ ايم ايف کان قرض وٺي پنهنجو خزانو ڀريندا آهن ۽ ملڪ کي غريب  ڪندا آهن. تحريڪ انصاف وٽ ان سوال جو به ڪو جواب ناهي ته اها موجوده معاشي صورتحال کي عوام دوست ڪيئن بڻائيندي.پرحڪومت ان ميدان ۾ مسلسل پوئتي هٽي رهي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن تي ڏنل فيصلي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ بدران ان خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻيا مسلسل اشارا آھن ته حڪومت ان فيصلي کي قبول ڪرڻ جو ارادو نه  ٿي رکي ۽ پارلياماني طاقتون ان تي عمل کي روڪيندي.

جڏهن ته حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين کي سوچڻ گهرجي ۽ ان سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي ته اهي انهن سيٽن تي ڪيئن قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون جن ۾ کين ڪاميابي نه ملي. تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد ميمبرن جي ڪاميابي جو انگ سڀني جي سامهون آهي. اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ موجب هن پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن ۽ قومي اسيمبلي جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون به کٽيون آهن.

اهي سڀ طريقا ملڪ ۾ سياسي ٽڪراءَ کي وڌائي رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان اقتدار ۾ ويٺل ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ  سياسي پارٽيون تڪرار کي گهٽائڻ بدران مسلسل وڌائي رهيون آهن. بهرحال، سياسي پارٽين کي به ان افراتفري مان پيدا ٿيندڙ مسئلن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اهو ئي سبب آهي ته عالمي معاشي ريٽنگ ايجنسي فِچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت ناڪام ٿي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي پر ان صورت ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪري معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو.

اهي سڀ طريقا ملڪ ۾ سياسي ٽڪراءَ کي وڌائي رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان اقتدار ۾ ويٺل ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ  سياسي پارٽيون تڪرار کي گهٽائڻ بدران مسلسل وڌائي رهيون آهن. بهرحال، سياسي پارٽين کي به ان افراتفري مان پيدا ٿيندڙ مسئلن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اهو ئي سبب آهي ته عالمي معاشي ريٽنگ ايجنسي فِچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت ناڪام ٿي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي پر ان صورت ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪري معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.