لاقانونيت ۽ خراب حڪومت جي حد ٿي وئي آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته لاقانونيت کي ختم ڪرڻ يا خراب حڪومت کي بهتر ڪرڻ جو ڪو ارادو به نظر نه ٿو اچي ۽ نه ئي احساس شرمندگي جي ڪا جهلڪ ٿي نظر اچي.
لاقانونيت ۽ خراب حڪومت جا هونئن ته ڪيترائي مثال ۽ حوالا آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ موبائل ڦورن جو راڄ آهي پر ان سان گڏ دهشت گردي ۽ قتل غارت به عام آهي. وري جيڪڏهن انسانيت جي حساب سان ڏسجي ته اها شئي به نظر نه ٿي اچي جنهن جو مثال معصوم نينگري پريا ڪماري جو آهي جنهن کي اغوا ٿئي ٽي سال ٿي ويا آهن پر مجال آهي جو حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي مان ورتو هجي.
اها معصوم ٻارڙي ٽي سال اڳ نائين محرم تي سبيل ورهائي رهي هئي ته اتان اغوا ٿي وئي پر جس آهي سنڌي ماڻهن کي جن پوءِ به معصوم پريا ڪماري کي سهايو ناهي ۽ پنهنجي جدوجهد سان حڪومت کي هر ڏينهن، هر هفتي، هر مهيني ۽ هر سالن سندن فرض ياد ڏياريندي رهي آهي ته اوهان کي پريا ڪماري بازياب ڪرائڻي آهي.
ڪالهه به ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. سو سنڌي قوم ته وس ڪيو آهي ان هميشه هندو برادري جو ساٿ ڏنو آهي. پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ به سنڌي ماڻهن يادگار جدوجهد ڪئي آهي. جيڪا ٻڌائي ٿي ته سنڌي عوام تيستائين سک سان نه ويهندو جيستائين پريا ڪماري آزاد نه ٿي ٿئي.
سنڌي عوام جي ان جدوجهد دوران هڪ اهڙو به وقت آيو جو پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ نيٺ چئي ڏنو ته آخر اوهان پريا ڪماري کي ڇو اچي ورتو آهي. اهو رويو اهي ان حڪمران پارٽي جي هڪ سينئر وزير جو بجاءِ ان جي ته هو پريا ڪماري جي آزادي کي حڪومت جو اولين اشو سمجهي الٽو اهو ان معاملي تي ڪاوڙ ڏيکاري رهيو آهي ته پريا ڪماري جي اشو کي ڇو اچي ورتو اٿؤ ! ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته سنڌ حڪومت کي سڀ خبر آهي ته پريا ڪماري ڪٿي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به لڳندو آهي ته حڪومت چاهي ته ان کي ڪنهن به وقت آزاد ڪرائي سگهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به لڳندو آهي ته ڄڻ حڪومت کي ڏوهارين جي خبر آهي ۽ اها سندن بچاءُ ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به حڪمرانن جي زبانن مان اهو سڀ نڪري ويندو آهي جيڪي اهي لڪائڻ چاهيندا آهن.
سو حڪومت کي هاڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ فيصلائتو عمل ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ثابت قدم به آهي، متحرڪ به آهي ته اڻموٽ به آهي ۽ اهو هر قيمت تي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي وٺندو. پر افسوس آهي سنڌ حڪومت جي رويي ۽ ان جي ڪارڪردگي تي ته ان ڪڏهن به ڪو وڏو آپريشن ڪري پريا ڪماري جي آزادي جو ارادو ناهي ڏيکاريو اڃان به اهڙو تاثر ڏياريو آهي ڄڻ اها پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن جي سهولت ڪار آهي پر هاڻي پريا ڪماري جي معاملي کي انجام تائين پهچائڻو آهي ۽ سنڌي عوام پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ حڪومت جو گهيرو سوڙهي کان سوڙهو ڪندي نظر اچي رهيو آهي..
اليڪشن ڪميشن جو مخصوص سيٽن تي فيصلو: انڪار به آ اقرار به آ !
رپورٽن موجب اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بظاهر ته عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ليگل ٽيم کي هدايتون به ڏنيون آهن ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪنهن پوائنٽ تي عملدرآمدي ۾ رنڊڪ آهي ته ان جي فوري نشاندهي ڪن ته جيئن وڌيڪ رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي. واضح رهي ته اهڙو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمدي بابت ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن هڪ سياسي جماعت طرفان مٿن ڪيل بي جا تنقيد جي مذمت ڪئي وئي ۽ ڪميشن جي استعيفيٰ واري مطالبي کي کِل جوڳو قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي درست قرار ناهي ڏنو تنهن ڪري ان کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس ورتو ويو هو.
سو اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان ڏنل فيصلي تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت جيڪو اجلاس ڪوٺايو آهي تنهن جي روشني ۾ نظر ائين ٿو اچي ته اهو معاملو اڃان تڪراري شڪل وٺندو ۽ هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت به هر ممڪن نموني مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ ۾ رنڊڪ وجهندي. ٻيو ته ان معاملي ۾ هڪ اهم نقطو پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن جي به 23 جولاءِ تي ٻڌڻي ٿيڻي آهي هوڏانهن اليڪشن ڪميشن به پنهنجي ليگل ٽيم کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي اعترافي نقطن کي ظاهر ڪرڻ جي جيڪا هدايت ڪئي آهي تنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن به اڻ سڌي طرح سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چيئلينج ڪرڻ جو ارادو ڏيکاري ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مُلڪي ادارا پنهنجين پنهنجين حدن ۾ رهي ڪم ڪن ٿا ۽ آئين توڙي قانون کي بالادست رکن ته ڪو سبب ناهي ته ملڪ سنئين دڳ تي هلي. هي روز روز جا آئيني حڪومتي ۽ رياستي بحران اصل ۾ ادارن جو پنهنجن حدن ۾ نه رهڻ جو سبب آهن ۽ هڪڙن سامراجي، سياسي، حڪومتي ۽ اقتداري مفادن کي ڏسندي ملڪ کي هر دور ۾ نازڪ صورتحال ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ملڪ جو چونڊ نظام صاف ۽ شفاف هجي ۽ عوام جي ووٽن واري فيصلي کي سئو سيڪڙو قبول ڪيو وڃي ته جيڪر اهڙا آئيني ۽ حڪومتي مسئلا پيدا ئي نه ٿين.