ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ويجھو جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله داد جعفري ۾ نندواڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. نندواڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، هڪ ٻئي تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جعفري برادري جا 2 ڀائر حافظ انور علي جعفري، تاج محمد جعفري ۽ نندواڻي برادري جو هڪ ڄڻو مهراب عرف کنڊون نندواڻي قتل ٿي ويا جڏهن ته قربان جعفري، منصب جعفري، الله داد جعفري، صدام نندواڻي، نڪيف نندواڻي، اصغر علي نندواڻي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جعفري برادري جي ٻنھي ڄڻن جا لاش ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي ٻن ڄڻن جي لاش جو پوسٽ مارٽم قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻئي پاسي جعفري برادري جي ٻن ڀائرن جي قتل خلاف وارثن ۽ جعفري برادري پاران انڊس ھاءِ وي تنگواڻي روڊ تي لاش رکي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. مظاهرين الزام لڳايو ته پوليس اطلاع جي باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن سنڌ سرڪار ۽ پوليس کان گهر ڪئي ته جمال ۾ نندواڻي ڏوھاري گينگ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي . هن وقت ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي. ياد رهي ته جعفري ۽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنھن معاملي تان تڪرار شروع ٿيو هو. ذريعن موجب ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھه به ٿيو هو پر ڪجهه سال جي ٺاپر کان تڪرار ٻيهر شروع ٿيو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.