ڄامشوري جي صدر ٿاڻي ۾ ڌماڪو، عمارت تباهه، 5 اهلڪار ۽ هڪ قيدي زخمي

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو) ڄامشوري شھر جي صدر ٿاڻي ۾ ڏهين محرم الحرام تي صبح جو پوڻين ڏهين وڳي ڌاري زوردار  ڌماڪي ۾ ڄامشوري ٿاڻي جو وڏي منشي اي ايس علي بخش ڏاوڇ، وائرس ليس آپريٽر اي ايس آئي رسول بخش ناريجو ، ننڍو منشي ارشاد گانئچو، 2  اهلڪار علي مرتضي شاهاڻي، عبداللطيف ۽ لاڪ اپ ۾ موجود قيد جمشيد سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتان کين فوري طبي امداد بعد سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، زخمين مان ٻن ڄڻن وڏي منشي اي ايس علي بخش ڏاوڇ، وائرس ليس آپريٽر اي ايس آئي رسول بخش ناريجو  کي آغا خان اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. جتي زخمين جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي کانپوءِ ڊي سي ڄامشورو  رياض حسين وساڻ، زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. بروقت ڪرڻ باوجود فائربريگيڊ عملو ٽن ڪلاڪن کان پھتو. جنهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جون فائر برگيڊ جون گاڏيون شامل هيون. ڌماڪي واري واقعي کانپوءِ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز ڄامشورو ٿاڻي تي پھچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مال خاني ۾ ڪيسن جي ملڪيت واري پيل بارودي مواد موجود ھئڻ سبب ڌماڪو ٿي سگھي ٿو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ سي ٽي ڊي پوليس جا  اهلڪار رپورٽ پيش ڪندا جنھن بعد ئي وڌيڪ ڪجھ چئي سگھجي ٿو.  ٿاڻي اندر ٿيل ڌماڪي جو سنڌ جي وڏي وزير وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گھرو کاتي جي وزير ۽ آئي جي سنڌ پوليس نوٽيس ورتو آھي ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.