ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙعدالت سينٽرل جيل ۾ سانحي 9مئي جي 3ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت تحريڪ انصاف جي اڳوڻو ايم پي اي عديل خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالتي حڪم تي پوليس عديل خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي .عدالت غير حاضري جي ڪري جوابدار جي ضمانت رد ڪئي وئي آهي .جڏهن ته عدالت ۾ حليم عادل شيخ ،راجه اظهر سميت ٻيا پيش ٿيا، عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .جوابدارن جي خلاف ٽپيوسلطان۽ فيروز آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن