مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جبل جي سلسلي کارسر جبل کي سنڌ حڪومت پاران ليز تي ڏيڻ واري امڪاني فيصلي خلاف ڳوٺ کارسر جا ڳوٺاڻا سراپاءُ احتجاج بڻجي ويا آهن، ڳوٺ کارسر جي رهواسين گذريل ڏينهن سوشل ورڪر پونم سنگهھ ٺڪر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته کارسر جبل اسان 3 هزار انساني آبادي سميت جانورن توڙي پکين جي جياپي جو اهم ذريعو بڻيل آهي،جبل جي ٽَڪري رِڻ کي روڪي بيٺل آهي،اسان وٽ جبل کان پويان ٻن ڪلوميٽر تي رِڻ آهي، ٻن ڪلوميٽرن بعد پاڻي مڪمل کارو آهي، جبل جي ٻن ڪلوميٽرن جي ايريا ۾ پاڻي مِٺو آهي، جبل اندر ناياب نسل جا جهنگلي جانور توڙي پکي موجود آهن.