ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ کانپوءِ 20 لاش هٿ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ کانپوءِ مختلف علائقن مان گذريل ڏينهن 20 لاش مليا. ريسڪيو عملدارن موجب فوتين ۾ گهڻو  ڪري نشي جا عادي لڳن ٿا، 3 لاش لياري جي علائقي جهان آباد مان مليا، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪلفٽن، ملير،قائد آباد ۽ سپر هاءِ وي وٽان هڪ هڪ لاش مليو.  ٻئي پاسي سنڌ جي صحت واري کاتي گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ وگهي 2 فوتگيون رپورٽ ڪيون آهن. صحت کاتي موجب هيٽ اسٽروڪ سبب ٻه فوتگيون سول اسپتال ۾ رپورٽ ٿيون. گزريل ڏينهن سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جا 49 ڪيس رپورٽ ٿيا. جون کان هيل تائين هيٽ اسٽروڪ وگهي فوت ٿيلن جو انگ 51 ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ گرمي جي شدت 54 ڊگري محسوس ڪئي وئي. گذريل ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 32.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.