اسلام آباد (م ڊ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي اجازت ڏئي ٿو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ڳالهيون ڪندي وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ايڊهاڪ ججز چيف جسٽس نه جوڊيشل ڪميشن کي مقرر ڪرڻا آهن. منهنجي راءِ ۾ ايڊهاڪ ججز مقرر ٿيڻ گهرجن. ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي آئين اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته جوڊيشل سسٽم جي اصلاحات جي لاءِ آئيني ترميم جي حق ۾ آهيان. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جون خبرون صحيح نه آهن پينشن بل وڌيڪ هجڻ سبب سرڪاري ملازمن جي نوڪري جي واڌ واري بحث جنم ورتو. سڄي دنيا ۾ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر ۾ اضافو ٿيو آهي. پينشن جي مد ۾ حڪومت کي ڳري رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي. قانون واري وزير چيو ته جوڊيشري سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي نوڪري جي مد ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ هئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان هڪ پارٽي کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. 8 ججز مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ آئين کي ري رائٽ ڪيو. جن ايم پي ايز کي ٻڌڻ کان سواءِ گهر اماڻيو ويو اهي به ريويو ۾ اچي رهيا آهن پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.
-
پي ٽي آءِ پاران ايڊهاڪ ججن جي مقرري خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل وڃڻ جو اعلان
اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ايڊهاڪ ججز جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري بدنيتي تي ٻڌل آهي. ايڊهاڪ ججز جي مقرري جو معاملو سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ اماڻي رهيا آهيون. انهيءَ قدم جو مقصد پنهنجي هم خيال ججز کي لڳائڻ آهي. ججز انهي معاملي کي تڪراري نه بنائين. چئن ججز کي موڪلن دوران سامهون آندو پيو وڃي. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان جي اسيمبلي ميمبرن کي ايجنسيون ڪوڙن ڪيسن ۾ کڻي رهيون آهن. عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ سمورن قيدين جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا. اسان انهن ڪوڙن ڪيسز جي مذمت ڪريون ٿا. بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي، نيب ٽيم کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو آهي. ايڊهاڪ ججز جي حوالي سان قاضي فائز عيسيٰ کان گذارش آهي ته اهي ججز اسان جا ڪيس نه ٻڌن. اسان جي حب الوطني تي ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل 2 سالن ۾ اهو نظام خراب ٿيو آهي. حڪمران ٽولو اهو سمجهڻ کان قاصر آهي ته عوامي راءِ کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي. پارٽي تي پابندي لڳائڻ جون ڳالهيون انتهائي غلط حرڪت هوندي. آئين ۽ قانون کي جوتي جي نوڪ تي رکيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ هن وقت انارڪي واري صورتحال آهي پاڪستان کي بنا آئين جي هلندڙ ملڪ بڻايو ويو آهي .بندوق جي زور تي بدمعاشي ڪئي پئي وڃي.