اسلام آباد (م ڊ)جسٽس(ر) مقبول باقر سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج جي ذميواري وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. هن پنهنجي هڪ تازي بيان ۾ ايڊهاڪ جج بنجڻ کان معذرت ڪندي وضاحت ڪئي آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ جج جي آڇ کان معذرت ذاتي سببن جي آڌار تي ڪئي آهي. جسٽس(ر) مقبول باقر چيو آهي ته ايڊهاڪ ججز جي مقرري آئيني آهي. ايڊهاڪ جج جي معاملي تي ٿيندڙ تنقيد بنا ڪنهن جواز جي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس جو اهو قدم 100 سيڪڙو آئيني ۽ قانوني آهي. قاضي فائز عيسيٰ جڏهن چيف جسٽس بڻجو هو ته هن مون سان انهيءَ جي باري ۾ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. چيف جسٽس چيو هو ته سياسي ڪيسن جي ڪري سپريم ڪورٽ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي ويو آهي.