اسلام آباد(جاويد چوڌري) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پوري قيادت روپوش ٿي وئي، پوليس پاران پي ٽي آءِ جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، سرڪاري ادارا ميمبرن کي کنڀڻ لڳا، جمشيد دستي،شهريار آفريدي پوليس ڇاپن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون،پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سندن ايم اين ايز خلاف پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن انتقامي ڪارروايون ڪري رهيون آهن،انهن ميمبرن کي 15 ڏينهن تائين گهيري ۾ رکي يا ن ليگ يا پ پ ۾ شامل ڪرايو ويندو،پي ٽي آءِ جي 41 ايم اين ايز کي اهو موقعو ڏنو ويو آهي ته اهي پنهنجي فارمن کي درست ڪري پارٽي جو نالو لکن،پارٽي پنهنجي سمورن ايم اين ايز کي لڪڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي، رياست اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي جي نافرماني ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن پاران اهو عذر پيش ڪيو ويندو ته اسان به آئيني ادارو آهيون،اسان جي فيصلي جي انحرافي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن عدليه آڏو نه بيهي نه سگهي ته پوءِ حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو واضح اعلان ڪيو ويندو،اسان ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي رهيا آهيون،عالمي اداري فچ پاران پاڪستان بابت سياسي اڳڪٿي حيران ڪندڙ آهي، سوال اهو آهي ته شهبازشريف جي حڪومت 18 مهينا ڇو رهندي؟ 18 مهينن جو هدف آرمي چيف جي مدي تائين آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته فچ کي ڪو اسڪرپٽ هٿ اچي ويو آهي، عمران خان لاءِ خراب خبر ڏني وئي آهي.