سياسي جماعتن جو نصب العين ئي هي هوندو آهي، ته هو عوامي مسئلن کي اقتدار ذريعي حل ڪن، ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي مٿي کڻي وڃن. پراڻي زماني ۾ مطلق العنان بادشاهتون هيون، اڪيلي فرد جا فرمان ماڻهن مٿان مصيبتون مڙهيندا هئا، اڳتي هلي سجاڳ ماڻهن سوچيو ته بادشاهت جي بڇڙاين کي روڪڻ لاءِ، عوام جي اجازت سان ووٽ ذريعي حڪومتون چونڊجن. اسان جهڙن ملڪن ۾ جمهوريتون ته نالي ماتر آنديون ويون، پر انهن جمهوريتن عوام سان بادشاهتن کان وڌيڪ جٺيون پڻ ڪيون. عوام جي فيصلن جو احترام ڪونه ڪيو ويو، وري به ماڻهن چيو ته آمريت کان انڌي منڊي جمهوريت چڱي آهي.
گذريل سال 2023 ۾ ٿيل اليڪشن عالمي سطح تي قبوليت ماڻي نه سگهي، عمران خان جي حڪومت جن آندي سي ئي سندس ساٿ ڇڏي ويا، کيس سبق سيکارڻ لاءِ هارس ٽريڊنگ (ميمبرن جو گهوڙن جيان واپار) ڪري، دٻ دٻاءُ استعمال ڪري حڪومت تان کيس لاٿو ويو، مٿس معمولي ڀوڳائتا الزام ته عدت کان اڳ ۾ شادي ڇو ڪيس، گهڙي ڇو گم ڪيس، لڳائي کيس جيل ۾ واڙيو ويو، پر ڳالهه الله لڳ ڪبي ته، عمران خان کي جيل جهڪائي نه سگهيو، نه ته ميان صاحب کي مڇرن جي چڪ معافي وٺڻ تي مجبور ڪيو هيو. کيس اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ پارٽي نشان بيٽ نه ڏنو ويو، سندس سوين اميدوارن کي گرفتار ڪيو ويو، مٿن سوين ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو نشان نه ملڻ سبب آزاد اميدوار ٿي ميدان ۾ لٿا، جن کي ڪاميابي ملي، کين اسيمبليءَ ۾ پنهنجي جماعت جوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويئي، کين چيو ويو ته هو ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿين، جيڪي سني اتحاد نالي هڪ سوڙهي نظر رکندڙ مذهبي جماعت سان گڏ ٿي بيٺا، جنهن جماعت جو پنهنجو ڪوئي هڪ ميمبر به اسيمبليءَ ۾ ڪونه هيو، اها پڻ هڪ ڀوڳ جهڙي ڳالهه ٿي پيئي.
نئين اتحادي حڪومت ۾ هڪ ٻئي جون سخت مخالف پارٽيون، عمران جهڙي ککر جي ڏنگ کان بچڻ لاءِ پاڻ ۾ مائٽياڻي جي سنگتي جيان گڏجي گذارڻ تي مجبور ٿيون. هنن معيشيت جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪونه ڪيو، رڳو پاڻ مٿان مڙهيل ڪيس ختم ڪرائي ،ڪورٽ جا ڪاڳر ڏيکارڻ لڳا ته ڏسو اسان بي ڏوهي هئاسين ،ڪورٽن اسان کي ايمانداري جا آرڊر ڪڍي ڏنا آهن.
مهانگائي ايتري وڌي ويئي آهي جو، ماڻهن جو جيئرو رهڻ هڪ معجزو لڳي رهيو آهي. هڪ هڪ مهيني اندر ٽي ٽي ڀيرا بجليءَ جو اگهھ وڌي ٿو، هر ٻئي هفتي پيٽرول، ڊيزل، گيس وڌي ٿي، هر ڏهاڙي نئين نالي جي نئين ٽيڪس لڳي نروار ٿئي ٿي. هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ نظرئي ضرورت وارو فيصلونه ڏيڻ جو زهر جو ڍڪ ڀري، اڪثريتي ججن جي فيصلي کي اهميت ڏيئي، تحريڪ انصاف جي آزاد بيٺل ميمبرن کي سندن پسند جي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار ڏنو، ته حڪومت جا ڇھ ئي ڇڄي پيا، ته هي جج سرڪار کي، سائينءَ وارن کي، هيڏو وڏو ڌڪ ڇو هڻي ويا؟ حڪومت وائڙائپ جو مظاهرو ڪندي چري ويتر وڌ جيان تحريڪ انصاف تي مورڳو پابندي وجهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان کي مستقل جيل ۾ رکڻ يا کيس جلاوطن ڪرڻ جي اٽڪل بازي، ماضيءَ جيان ون يونٽ مڙهڻ، واري ساڳي سازش ورجائيندي پارٽين تي پابندي وارو ساڳيو کوٽو سڪو مارڪيٽ ۾ هلائڻ لاءِ آندو ويو. جيڪو شايد سياسي دنيا جي مارڪيٽ ۾ هاڻي هلي نه سگهي.ماضيءَ ۾ پڻ اهڙا فيصلا ڪيا ويا جن کي ماڻهن قبول ڪونه ڪيو هئو. تهڙي طرح هاڻي پڻ ماڻهو اهو فيصلو قبول ڪين ڪندا. جڏهن ته ڇھه ڪروڙ پوندڙ ووٽن مان اڌ ووٽ ٽي ڪروڙ رڳو عمران خان جي آزاد ميمبرن کنيا آهن، باقي ٽن ڪروڙن ۾ ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون گڏ ٿيل آهن. اهڙي وڏي عوامي حمايت رکندڙ پارٽي تي پابندي هڻڻ، ڪنهن مسخري ڪندڙ ماڻهو جو ڪم چئي سگهبو.
اچو ڪجهھ پوئتي ماضيءَ ڏي موٽ کائون ٿا، پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪونه ڪرايون ويون، جڏهن ته اسان سان گڏ آزاد ٿيل ملڪ هندوستان ۾ نيون چونڊون ڪرائي نئين حڪومت ڪانگريس بڻائي هئي، پر هتي اڻ چونڊيل حڪمران ٿافيا ويا، جن ۾ هڪ پناهگير پرست وزير اعظم ٿيو، جنهن جي تختي اونڌي ڪرڻ جي الزام ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي 1954 ۾ پابندي لڳائي. ڪن فوجي آفيسرن سان گڏ سول ماڻهو سجاد ظهير، شاعر فيض احمد فيض ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جيڪا جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي جڳھ تي سوشلسٽ سماج ۽ حڪومت جوڙڻ جي منشور تي هلي ٿي، ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي هئي، تنهن مٿان عذاب اڄ تائين ڪونه لٿو آهي.
ضياء الحق جي دور ۾ سندس ظالم فوجي آفيسر، امتياز بلا جي نالي سان مشهور سفاڪ قاتل مشهور آهي، جنهن سنڌ جي هڪ نوجوان ڳڀرو شهيد نذير عباسي کي رڳو ڪميونسٽ هجڻ سبب ايذاءُ ڏيئي تشدد ڪندي سندس عضون کي ڀڃي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ماريو هيو، جنهن جو سرعام اعلان پڻ ڪيو هيس ته نذير عباسي کي هن قتل ڪيو آهي، اهڙي طرح بي بي سي لنڊن ريڊيو پڻ خبر ڏني هئي ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ وقت سنڌي ماڻهن کي جٿن جي صورت ۾ قطار ۾ بيهاري کين گوليون هئي مارائيندڙ، پڻ امتياز بلا هيو، ان کان سواءِ سنڌ جي ڳوٺن تي گوليون هلايون ويون، اڄ اهو آفيسر پنهنجي گهر ۾ ماني ڳڀي نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيو آهي، جنهن اولاد جي لاءِ هن حرام جي دولت ڪمائي هئي، سي کيس گهر ۾ رهائڻ لاءِ راضي ڪونه آهن.
ان کان پوءِ بنگالين ساڻن ٿيندڙ نا انصافين بابت آواز اٿاريو ته، سندن مقبول جماعت عوامي ليگ مٿان يحي’ حڪومت پابندي هڻي ڇڏي، اهڙي طرح ڪي پي ڪي صوبي جي مقبول جماعت نعپ کي پهريون يحي’ خان 1971 ۾ ۽ وري ٻيهر ذوالفقار علي ڀٽي 1975 ۾ پابندي هڻي، سندن اڳواڻن کي حيدرآباد جيل ۾ واڙي بلوچ سياستدانن سان گڏ غدار چئي ڪيس هلرايو هئو، پر انهن پابندين سان پارٽين جي ويتر مقبوليت ته وڌي هئي، پر گهٽجي نه سگهي هئي.نعپ تي بندش لڳڻ سبب شاعر انور پيرزادي احتجاج ڪندي ”بندش“ نالي هڪ خوبصورت مزاحمتي نظم لکيو هو.
چمي گهرڻ تي بندش پوندي، توسان ملڻ تي بندش پوندي،
گل سنگهڻ تي بندش پوندي، ڀٽائي پڙهڻ تي بندش پوندي.
تازو سنڌ ۾ عدم تشدد جي حامي جماعت جسقم آريسر تي پڻ پابندي لڳائي ويئي آهي، پابنديون ملڪ دشمن ۽ دهشتگرد جماعتن تي لڳائبيون آهن، جهڙي طرح هڪ جماعت کي دهشتگردي ڪندي، ڀتا خوري ڪندي، انڊيا مان عسڪري ۽ مالي مدد وٺندي، ماڻهن کي جيئرو باه ۾ ساڙيندي ٽبوتن سان ثابت ڪيو ويو آهي، پر اها پارٽي پابندي لڳائڻ بجاءِ حڪومت جي ساٿياڻي سنگتياڻي، نفاست واري سڏجي گڏ وزيرن سميت ويٺي آهي. پي ٽي آءِ سان سياسي عمل جي ڪري سوين اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر مٿس پابندي لڳائڻ کي ڪڏهن به صحيح ڪونه سمجهيو ويندو.
ماضيءَ ۾ جن پارٽين تي پابندي لڳائي ويئي هئي، سي نون نالن سان ساڳيا ماڻهو نئين پارٽي ٺاهي ڪم ڪندا رهيا آهن.
تون ڇا به چوين، مان مرڻو ناهيان،
ويس مٽائي ورڻو آهيان،
نانوَنئين سان، ويس بدل سان،
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان،
جاري آهي جاري رهندي.
هرهڪ پارٽي کي عوام اندر ڪم ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، صاف، سٿري سياست ۽ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ پوءِ اهڙيون آيل حڪومتون اقتدار حاصل ڪرڻ جون اهل آهن، کين اقتدار ڏيڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ بنگال جهڙا ٻيهر مثال پيدا ٿيڻ اڻٽر هوندا آهن، انڪري پارٽين مٿان پابندي وجهڻ چريائپ جي نئين چال چئي ويندي.