پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو:شازيه مري

ڪراچي ( رپورٽر)  پيپلز پارٽي حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي واري حڪومتي فيصلي تي پيپلز پارٽي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته ان فيصلي تي پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، حڪومت جي ان فيصلي تي پارٽي اندر مشاورت ڪنداسين.  سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ پ پ پنهنجو موقف ٻڌائيندي.ان کان علاوه پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ ناهي پر سياسي پارٽين کي به سياسي پارٽي هجڻ گهرجي .  واضح رهي ته حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ داخل ڪيو ويندو اهو ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.