ڪو وقت هو، جنهن جي باقيات اڄ به موجود آهي ته محرم الحرام جو مهينو ڪنهن مخصوص فرقي يا ڪارا ڪپڙا پائيندرن جي غم لاءِ نه هوندو هو. جن کي ڪربلا جي واقعي جي درست حقيقت ۽ ان سان جڙيل افسانن جي تاريخ معلوم هوندي هئي يا جن کي ڪابه خبر نه هوندي هئي، اهي ذاڪرن جي واعظن، تقريرن کان متاثر ٿي ڪربلائي واقعي جي ياد م پنهنجي گهر جون کٽون ڏهه ڏينهن اونڌيون ڪري پنهنجي جسم مان خون وهائي امامن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا هئا، اهي ۽ انهن سان گڏ هر مرد، عورت، ٻار ۽ ٻڍو امامن جي ياد ۾ انهن جي غم ۾ برابر شريڪ ٿيڻ لاءِ انهن آڏو نياز، ٿڌي شربت جون سبيلون لڳائڻ سان گڏ انهن جي جسم جي وهندڙ رت تي پها رکڻ لاءِ پنهنجون طبي خدمتون فراهم ڪندا هئا ۽ اڃان به سموري سياسي مداخلت ۽ فرقيواريت جي منفي پاسن جي باوجود اها خدمت جاري آهي، هتي صرف ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان خدمت ۾ سنڌ جي هندو برادري پڻ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪندي هئي.
افغانستان جي ڪميونسٽ انقلاب بعد آمريڪي فيڪٽري پاڪستاني جرنيلن سان گڏجي پاڪستان ۾ جيڪي هڪ مخصوص فرقي جا مدرسا کولي، مذهبي ۽ فرقيواريت انتها پسندي جا فارمي طالب ۽ ڊالر ۽ سعودي ريالن جي ڪرامتن سان اسلامي رواداري کي پٺي ڏيندڙ ملائيت جا هجوم پيدا ڪيا ۽ جنرل ضياءَ ۽ سندس ٽولي جي هٿان فرقيواريت جون اسلام ۽ مسلمان دشمن دهشتگرد تنظيمن جو بنياد وڌو.
سنڌ جنهن جي سمورن ماڻهن لاءِ محرم الحرام جو احترام ۽ امامن جو غم گڏيل هوندو هو، ان قوم جي رڳن ۾ فرقيواريت جو زهر ڀرڻ لاءِ حڪمران قوتن فرقيواريت جي انتها پسندي سان گڏجي ڪروڙين ڊالرن جا منصوبا شروع ڪيا ۽ سنڌ ۾ مدرسن ۽ امام بارگاهن جا ڄار وڇائي ڇڏيا ۽ جن فرقيواريت جي معززن ان ۾ ڪردار ادا ڪيو، اهي آهستي آهستي هزار پتي مان ٿيندي لک پتي، ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن، جنهن جو سنڌي قوم تي اهو به خراب اثر ان صورت ۾ پيو جو سنڌ جي عوام ۾ امامن جي غم ڪرڻ جي طريقي ڪارن ۾ تبديلي ايندي وئي، بم ڌماڪن، جهيڙن جي خوف ڏهين محرم ۽ ذاڪرن جي واعظن کان دوري پيدا ڪري ڇڏي.
سنڌ جي رواداري واري سماج ۾ هن ئي مهيني ۾ امامن جي ياد ۾ ماتم ڪندڙن، رستن روڊن تي ايندڙن لاءِ هندو برادري وڏي پئماني تي سبيلون لڳايون وينديون هيون، اهي انهن جي اغوا، ڦرلٽ ۽ ڀتن ۽ سندن نياڻين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ واري مافيا ۽ خود مسلمانن اندر وڌندڙ فرقيواريت ڪري هندو برادري طرفان حسينيت جي خدمت ۽ يڪجهتي لاءِ لڳندڙ سبيلن ۾ ڪمي اچي وئي، اڃان به جيڪي سبيلون لڳي رهيون آهن، ان جو نتيجو سنگرار ۽ ان جي آس پاس ڀارتي فلمن جي ٺاڪرن وانگر هڪ مسلمانن جي حويلين ۾ رهندڙ سرڪاري سهڪار سان ماڻهن تي ظلم ڪندڙ حويلين ۾ رهندڙ بادشاھت ٽي سال اڳ 9 محرم الحرام تي امامن جي پوئلڳن لاءِ پنهنجي والد ۽ گهر ڀاتين سان مٺي ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل ورهائڻ بعد جيئن ئي ڪجهه دير لاءِ گهر وڃڻ لڳي ته رستي تي ئي کنڀجي وئي. اڄ سندس کنڀجڻ کي چوٿون سال شروع ٿي چڪو آهي، مسلسل ٽي سال هن جي ماءُ جا وهندڙ ڳوڙها خشڪ نه ٿي سگھيا آهن، سڄي سنڌ ڪارن ڪپڙن بغير حقيقي حسيني بڻجي احتجاج ۾ مصروف آهن. صرف انهن پنهنجي اکين تي ڪاريون پٽيون ۽ ڪنن ۾ ڪفن وجهي ڇڏي آهي، جن کي سبيل پياريندڙ پريا ڪماري جي اغوا تي ڪو حقيقي حسينيت جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خيال ان ڪري نه ٿو اچي، جو اهي ڪربلا جي واقعي جو سچائي سان احساس نه ٿا رکن،ڇو ته ٻڌو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ جيڪا حويلي ملوث آهي اها ان ئي فرقي سان واسطو رکندڙ آهي، پر جي ائين نه به هجي ته به جيڪڏهن سنگرار ۽ ان جي آس پاس هڪڙو به سچو حسيني ۽ امامن جو حقيقي غم رکندڙ هجي ها ته اهو زنجير کڻي ماتم ڪرڻ بدران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پاڻ به احتجاج ڪري ها ۽ اهڙو احساس ٻين به حسينين کي ڏياري ها، ڪنهن به پئسن تي يا بغير پئسن جي امامن سان ٿيل ظلم جي ڪٿا ٻڌائيندڙ ذاڪر سڳوري ، روئندڙ ماڻهن جي هجوم کي پريا ڪماري جي امامن جي حسينيت لاءِ سبيل ورهائيندڙ لاءِ معصوم نينگري جي آزاديءَ جي لاءِ احتجاج ڪرڻ کان بغير ماتم کي اڌورو ۽ ناانصافي قرار نه ڏنو آهي.
پريا ڪماري جي اغوا ۽ ناانصافي کيس نه فقط سنڌ جو ڪيڏارو بڻائي ڇڏيو آهي پر کيس ڪربلا واقعي خلاف احتجاج جي علامت پڻ بڻائي ڇڏيو آهي. حسينيت جي ماتمين ۽ ٻين امامن سان محبت ڪندڙن جي مسلسل خاموشي کين امامن سان صحيح محبت ۽ غم ڪندڙن ۾ شامل سمجهڻ واري سوچ سندن ڪربلا جي ماتم کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي.
اڄ چوٿين سال جو محرم الحرام شروع ٿي چڪو آهي ۽ پريا ڪماري اڃان قيد ۾ آهي. اها پاڪستان ۽ سنڌ جي حاڪمن کي تاريخ ۾ يزيديت ۾ شمار ڪندي جو هڪ نينگري امامن لاءِ سبيل ورهائڻ بعد رستي مان امامن جي قربانين خلاف نفرت رکندڙ مافيا هٿان اغوا ٿي وئي. هاڻي حسيني به ياد رکن ٿه اڳتي ڪو هندو يا امامن جو سچو عاشق هنن لاءِ ائين محبت ۽ ثواب لاءِ سبيل هڻڻ جي ڪم کي هٿ نه لائيندو.ان ڪري اچو ته سنڌ ۽ سموري پاڪستان جا ماڻهو پريا ڪماري جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيون. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ انهن جا ادارا حق ۽ انصاف جو رستو اختيار ڪن.
پريا ڪماري جي اغوا ۽ ناانصافي کيس نه فقط سنڌ جو ڪيڏارو بڻائي ڇڏيو آهي پر کيس ڪربلا واقعي خلاف احتجاج جي علامت پڻ بڻائي ڇڏيو آهي. حسينيت جي ماتمين ۽ ٻين امامن سان محبت ڪندڙن جي مسلسل خاموشي کين امامن سان صحيح محبت ۽ غم ڪندڙن ۾ شامل سمجهڻ واري سوچ سندن ڪربلا جي ماتم کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي.