لطيف عالمي امن جو پيامبر سنڌ کي درپيش خطرن کان قوم کي باخبر رهڻ جو درس ڏيندڙ ۽ انقلاب جي تصوير آهي. اهڙا عظيم شاعر ڪڏهن به مري ناهن سگهندا. اسان جيڪڏهن لطيف کي سمجهون ها ته سنڌ اڄ ڌارين جي گهيري ۾ نه هجي ها.
"ملاح تنهنجي مڪڙي اچي چور چڙهيا” کان وٺي "رندن مٿان رت هار ته پڄين هوت کي” تائين لطيف جي سٽ سٽ سنڌي قوم لاءِ انقلاب جا گس نروار ڪري ٿي. ” لطيف اسان کي ڪڏهوڪو چئي ويو ته "مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي” اسان پوءِ ڀي اکيون ڪونه پٽيون. شاه سائين جو ڪيڏارو مرثيو گهٽ رزميو وڌيڪ آهي. ڪيڏاري ۾ مذهبي فرقيواريت ڪٿي به نٿي لکائي.
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، هي حسن هو
ڀيڙو ڀيڙو ڀاءُ سين پتنگ جئن پيو
آهي ڪو ٻيو, جو ڪري هلان مير حسين تي
لطيف سرڪار سنڌ جي خوشحالي، ترقي ۽ آجپي جو علمبردار شاعر آهي جنهن ان دور ۾ ڌرتي تي ڌارين جي يلغارن خلاف سنڌي قوم کي سجاڳ رهڻ جو پيغام ڏنو. هن فقير ڀٽ تي ساٿي فقيرن سان منڊلي مچائي تبنوري جي تار کي ڇيڙي امن ۽ انسانيت جو پرچار ڪيو.
سائنيم سائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جي هي سٽ ” عالم سڀ آباد ڪرين ” انسان جي هڪٻئي خلاف هٻڇ توڙي هڪٻئي مٿان فتح جي حاصلات ۾ انسانيت جي ڪوس لاءِ ٺاهيل بارود جي استعمال جي نتيجي ۾ پکڙجندڙ ڌپ جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جو "مونوگرام ” آهي. لطيف جي چوياري مهيسي سامي، ڪنچير، ڪنوٽي ۽ لنگوٽي فقيرن سان هئي. هي هٿ ۾ کنيل ڦرهي تي "اکر پڙه الف ” جو لکي اسان کي انقلاب جي واٽ تي هلڻ جو سبق ڏنو پر دقيانوسي ۽ مت جي موڙهيل شارحن ۽ اڪابرن لطيف جي هن انقلابي سٽ کي مذهبي جي چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو نه رڳو اهو پر پرمتڙين لطيف جي سموري فڪري شاعري جو مطلب ئي مذهب ۽ دقيانوسي تشريح طور پيش ڪري سنڌي قوم کي گمراهي جي غار ۾ ڌڪي ڇڏيو.
ڀٽائي جي گودڙي ۾ فڪر جا ماڻڪ هئا، هو سنڌ جو وڻجارو هو جنهن شاعري جي سمنڊ ۾ اوڙون ڪڍيون. هي ڌرتي جي هر ڪنڊ ۾ ويو ۽ حالتن جو مشاهدو ڪيو. هن جي اک سنڌ تي ٿيندڙ هر وار تي هئي.هن سنڌ جي سورهيه سپوتن، ڏاتارن ۽ سورمين کي ڳايو. ڌرتي جي ويران ۽ اجاڙ پڊن تي هُو ڏکارو ٿيو. لطيف پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تصوير آهي. هو عورتن جي حقن جو علمبردار هو. سنڌ جي لوڪ قصن کي شاعري جو محور بڻائي لطيف سرڪار انقلاب جا گس ٺاهيا. هن پنهنجي شاعري ۾ گورکناٿ سان گڏجڻ سميت پنري بڊاماڻي کي ساري ٿو. هي "لنگ ڪڍيائون لانگ موٽي نه ڪن ماحول” کان ويندي "هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين ” جو تصور پيش ڪري سنڌي قوم کي گيڙو رنگ ۾ رڱڻ سميت ڌرتي جي حفاظتي مورچي تي الرٽ بيهڻ جو ٻڌائي ٿو.
لطيف جي تصور جي سنڌ آزاد ۽ معاشي طور مضبوط آهي. هو سامونڊي ۾ سنڌ جي معاشي مضبوطي ۽ خوشحالي جو تصور پيش ڪري ٿو ۽ وڻجارين جا ورلاپ پنهنجي ڀتارن لاءِ اوسيئڙن جا اولڙا ۽ عڪس لطيف جي شاعري جو محور آهن. هن سارنگ ۾ سڪارن جون ڳالهيون ڪيون. لطيف جي شاعري عقيدي پرستي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي توڙي انتهاپسندي جو رد آهي. لطيف جو نظريو ئي انسانيت ۽ انقلاب آهي. لطيف جي نظر ۾اڙانگا گس ۽ گهيڙ پار ڪرڻ لاءِ رندن تي رت هارڻو ۽ گهاگهائي گهڙڻو پوندو. اهڙا عظيم پرش ڪڏهن ڪڏهن تڪراري به بڻجي ويندا آهن. اهو فطري عمل آهي. تڪرار عظيم ماڻهو جي عظمت کي ويتر نکاري ٿو. ”مٽي ان خمير اصل هئي ايتري“ وانگر سنڌ جو علمبردار شاعر ڌرتي جي هنج ۾ خوشبودار مٽي ۾ مدفون آهي. باقي ان جي روضي تي ساوا، ڪارا يا کڻي ڪهڙا به رنگ هڻي تڪراري بڻايو پر بٺي ۾ ستل لطيف اسان لاءِ رندن تي ڳاڙهو رت هارڻ جو پيغام ڏيندڙ انقلاب جو ئي اهڃاڻ لڳي ٿو. ڇو ته ڪلاڙڪي هٽ تي ڪسڻ جي ڪوپ واري جدوجهد اڄ به ماٺي ناهي ٿي.
پتنگ پهه پچائي مچ تي اڄ به مڙن پيا. عاشقن کي اڄ به ڪسڻ جو قرار آهي. لطيف کي ڪهڙا به رنگ ڏئي تڪراري بڻايو پر لطيف لالئون لال ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف آهي. هي فقير ڀٽ تي منهن مونن ۾ وجهي ڪونه ويٺو پر ڪيڏاري کي رزميه انداز ۾ پيش ڪيو. هن امام حسين جي مولهيي کي شاعري جي ڪئنواس تي چٽيو. هن امام حسين جي رت سان رتل ڏاڙهي جو منظر شاعري ۾ پينٽ ڪيو آهي. لطيف ڪير هو، شيعو يا سني ان سان اسان جو ڪوبه سويڪار نه هئڻ گهرجي. اسان جي نظر ۾ لطيف هڪ اهڙو گڻوان ۽ پنهنجي ذات ۾ ڏاهو انسان آهي جنهن امن ۽ انسانيت جو علم کڻي وستي وستي واهڻ واهڻ پنڌ ڪري سنڌ کي گيڙو ويس بڻايو.لطيف صوفي لاڪوفي آهي جنهن جي چوٽي پورب ۾ پڌري آهي پر جن جي اکين ۾ موريسر آهن اهي لطيف کي پسي ۽ پروڙي نٿا سگهن.