نيتن ياهو مسلم امت کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو:ڊاڪٽر عادل انجم

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)عالمي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عادل انجم چيو آهي ته نيتن ياهو لاءِ جتني خوشي آيت الله خامنہ اي جي شهادت تي آهي، ان کان وڌيڪ وڌيڪ خوشي ان ڳالهه تي آهي ته ايران جا ميزائل جڏهن يو اي اي، قطر يا بحرين ۾ پهچن ٿا ته اهي به هڪ مقصد آهن،هن چيو ته نام نهاد مسلم امّت کي ٽوڙڻ به هڪ مقصد آهي، ۽ اهو مقصد هاڻي مڪمل طور حاصل ٿي چڪو آهي.ايران ۾ رجيم بدلي ٿي يا نه، پر سو-ڪالڊ مسلم امّت کي ٽوڙڻ جو مقصد يقيني طور حاصل ٿي ويو آهي،هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ته مسلم امت نه ڪڏهن هئي نه هينئر آهي،گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته جيڪي  طاقتور مسلمان ملڪ هئا، انهن کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪيو ويو آهي،هن چيو ته  هينئر ايران جو وارو آهي. ان کان پوءِ اسان کي به خبردار رهڻ گهرجي، ڇو ته هي سڄي مسلم دنيا خلاف هڪ جامع حڪمت عملي آهي. اسرائيل جي لاءِ هي حڪمت عملي گهڻو وقت کان هلي رهي آهي. اسان کي ان تي خبردار رهڻ گهرجي. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان پاڻ کي انهي وقت ورهائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.