”ايراني حملا وچ اوڀر کي غير مستحڪم ڪري آهن“ آمريڪا ۽ اتحادي نار ملڪن جو بيان

واشنگٽن/ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ان جي ڇهن اتحادي نار ملڪن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته علائقي ۾ ايراني حملن سبب ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي ، جيڪي وچ اوڀر ۾ استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن.
ڪويتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهرين ۽ غير جنگجو ملڪن کي نشانو بڻائڻ هڪ غير ذميواراڻو رويو آهي، جيڪو استحڪام کي ڪمزور ڪري ٿو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو پنهنجي دفاع جي حق جي تجديد ڪن ٿا ڇو ته علائقي ۾ ايراني حملا جاري آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حملا بحرين، عراق سميت ڪردستان ريجن، اردن، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته اِهو بيان ڪويتي پرڏيهي کاتي طرفان عربي ٻولي ۾ ڪويت، سعودي عرب، بحرين، قطر، اردن، گڏيل عرب امارتن ۽ آمريڪا گڏيل طور جاري ڪيو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.