پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي پھرين خاتون وڏي وزير ھئڻ جي ناتي مريم نواز شريف جتي ملڪي سياست ۾ پنھنجي روايتن کي اڳتي وڌائي رھي آھي.اتي عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار پنھنجي خانداني روايتن کي بھ کڻي ھلي رھي آھي.
تازو پنجاب حڪومت 100 ڏينھن پورا ڪري چڪي آھي. انھن 100 ڏينھن ۾ مريم نواشريف صوبي جي عوام جي لاءِ اڻ ڳڻيون رٿون شروع ڪيون،عوام جي صحت جون سمورين سھولتون انھن جي در تائين پھچائڻ جي لاءِ فيلڊ اسپتالون قائم ڪيون.جنھن مان عوام کي بھترين ۽ سموريون سھولتون ميسر آھن.نوازشريف آءِ ٽي جو قيام،امن امان جا موثر قدم،شاگردن کي اسڪولن توڻي ڪاليجن ۾ اچڻ وڃڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪز جي فراھمي پڻ عوامي خدمتن جي منصوبن ۾ شامل آھي،جڏھن تھ ٻين منصوبن ۾ رمضان پيڪيج،نگھبان پيڪيج،مريم جي دستڪ،مفت واءِفاءِ،ٿيليسيميا ۽ ھيموفيلياجي مريض ٻارن کي بروقت حياتي بچائڻ جي دوائن جي مفت فراھمي ۽ سمورن فلاحي ادارن لاءِ بنا فرق ۽ بنا دير جي لاءِ فندز جاري ڪرڻ ھن جي حڪومت جي اوليت ۾ شامل آھي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نوازشريف جي والد اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ۽ سندس چاچي وزيراعظم شھبازشريف پڻ عوام کي سھولت ڏيڻ سميت بي شمار عوامي ڀلائي جون رٿون شروع ڪرايون ۽ انھن کي مڪمل ڪيو.شريف خاندان ھميشھ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا سميت رت جي موذي بيمارين جي شڪار مريضن جي علاج معالج لاءِ ھر ممڪن مدد ڪئي.وزيراعظم ميان شھبازشريف پنجاب جي وڏي وزيرطور پڻ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي مريض ٻارن کي بروقت مفت دوائن ۽ علاج جي لاءِ گھربل سامان جي فراھمي جي لاءِ ھميشھ فڪرمند رھيو.ھن جي صاحبزادي ميان حمزھ شھبازشريف پڻ وڏي وزير جي طور عيد جي ڏينھن ۾ ُسندس فائونڊيشن جو دورو ڪيو ۽ مريضن جي عيادت ڪئي ھئي.انهن ۾ تحفا پڻ ورھايا .ھتي اِها ڳالھھ ذڪر جوڳي آھي تھ پنجاب جي وڏي وزيرمريم نوازشريف جي والدھ بيگم ڪلثوم نواز پڻ خاتون اول طور اسلام آباد ۾ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي مريض ٻارن جي لاءِ قائم ڪيل ھڪ وڏي مرڪز جو افتتاح ڪيو ۽ سينٽر لاءِ دوائن ۽ گھربل سامان جي فراھمي کي پڻ يقيني بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيو.ياد رھي تھ ذڪر ڪيل سينٽر اڳ ۾ پاڪستان بيت المال جي انتظام ھيٺ قائم ھو،پر ناڪافي سھولتن جي ڪري ان کي ُسندس فائونڊيشن جي حوالي ڪيو ويو ھو.اڄ ُسندس فائونڊيشن رت جي مرض ۾ ورتل مريضن جي پنھنجي معيار جي عين مطابق سھولتون مُهيا ڪري رھيو آھي.اھا ڳالھھ يقين سان چئي سگھجي ٿي تھ پنجاب جي وڏي وزير مريم نوازشريف پنھنجي خاندان جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي ُسندس فائونڊيشن ۾علاج ھيٺ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي ھزارين مريض ٻارن جي عيادت جي لاءِ پنھنجي قيمتي وقت مان ڪجھه ڪڍندي ڇاڪاڻ جو اھا شريف خاندان جي روايت آھي.
اھا خوشي جي ڳالھھ آھي تھ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف پنھنجي دور ۾ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي مريض ٻارن جي علاج جي بھترين سھولتن جي فراھمي لاءِ پنھنجي ھر حڪومتي بجيٽ ۾ بنا ڪنھن فرق جي رقم مختص ڪئي،ياد رھي تھ مريم نوازشريف پڻ پنھنجي خانداني روايت کي اڳتي وڌائيندي سمورن فلاحي ادارن کي بنا ڪنھن فرق جي فنڊر فراھمي کي يقيني بڻايو آھي،ڇاڪاڻ جو پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ آھي تھ صحت جو شعبو ھن جي اول ترجيح آھي.ان ڪري ھن صحت جي ميدان ۾ انقلاب آڻڻ جو عھد ڪري ڇڏيو آھي.ھر شھري کي صحت جي بنيادي سھولتن جي فراھمي مسلم ليگ ن جي حڪومت جو عزم آھي .جنھن کي ھر صورت ۾ جاري رکيو ويندو.سندس ھن خير جي ڪم ۾ صوبائي وزير عمران نذير ۽ خواجھ سلمان رفيق پڻ ڀرپور نمائندگي ڪري رھيا آھن.
پنھنجي حڪومت جڙڻ ترت مريم نوازشريف صوبي ۾ ايئر ايمبولينس جو قيام،فيلڊاسپتال ۽ نوازشريف صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ،ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جھڙن موذي مرضن ۾ ورتل مريض ٻارن جي علاج جي لاءِ اھڙن سمورن ادارن کي فوري طور فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو،جڏھن تھ مفت دوائن ۽ سامان سرڙي جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڏني.صحت واري شعبي ۾ انقلابي تبديلين آڻڻ جي لاءِ مريم نوازشريف ۽ سندس ٽيم انتھائي محنت ڪري رھي آھي،جنھن جا نتيجا عوام کي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آھن.
خواجھ سلمان رفيق ۽ خواجھ عمان نذير وڏي وزير جي حڪم جي تعميل ڪرائيندي ٿيليسيميا، ھيموفيليا جا رڪيل فنڊ فوري جاري ڪرايا آھن.جنھن جي لاءِ صحت جي سيڪريٽري علي جان ۽ ناڻي جي سيڪريٽري مجاھد شير دل پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.جنھن سان ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي ھزارين مريض ٻارن جي زندگيءَ بچائڻ ۾ آساني ٿي،جڏھن تھ صوبائي بجيٽ ۾ پڻ سمورن فلاحي ادارن جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا ويا. جنھن جي لاءِ انھن سمورين شخصيتن جا شڪرگذار آھيون جن جي بروقت قدمن سان سمورن فلاحي ادارا ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي ھزارين مريض ٻارن جي لاءِ حياتي بچائڻ وارين دوائن ۽ بلڊنگز جي فراھمي ممڪن ٿي سگھي.ياد رھي تھ پنجاب جي وڏي وزير مريم نوازشريف جي حڪومت پنھنجي سياسي مخالفن جي ادارن کي پڻ ٿيليسيميا جي مريضن جي لاءِ،جيڪي ڪم ڪري رھيا آھن،بنا ڪنھن فرق جي فنڊز جاري ڪري ثابت ڪيو تھ اھا حقيقي معنيٰ ۾ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي شڪار ھزارين مريضن ٻارن جي صحت جي لاءِ خاصي فڪرمند آھي. اھا ڳالھھ بھ خوشي واري آھي تھ پنجاب صوبي جي تقليد ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي حڪومت پڻ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٻارن جي علاج ڪندڙن ادارن کي بروقت فنڊز جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ۽ نئين بجيٽ ۾ پڻ فنڊز مختص ڪيا جن ۾ فلاحي ادارا ۽ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي ھزارين مريضن ٻارن ۽ انھن جا مائٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ،صحت جي وزير عذرا پيچوھو ۽ بلڊ ٽرانفيوزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر درناز جا شڪر گذار آھن،ھن وقت جتي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا سميت رت جي موذي مرض ۾ مبتلا ٻارن جي علاج ۾ ھر ممڪن مدد فراھم ڪري رھيا آھن.
اتي افسوس جي ڳالھھ آھي تھ خيبرپختونخواھ حڪومت ٿيليسيميا جي مريض ٻارن جي علاج جي لاءِ ڪم ڪندڙ فلاحي ادارن جا سمورا فنڊ روڪي رکيا آھن،جڏھن تھ نئين بجيٽ ۾ پڻ فنڊ مختص نھ ڪيا آھن،جنھن سان صوبي ۾ موجود ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جي ھزارين مريض ٻارن جي علاج ۾ مشڪلات پيش اچي رھي آھي.اسان جي خيبرپتونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گذارش آھي تھ ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا ۽ ٻين رت جي خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا ھزارين مريض ٻارن جي خراب ٿيندڙ حالت رحم جوڳي آھي.تنھنڪري صوبي جي سمورن فلاحي ادارن کي بنا ڪنھن فرق جي فنڊز جي اجرا کي يقيني بڻايو وڃي،بلڪھ ايندڙ سالن ۾ مخصوص فنڊز مختص ڪريو تھ جئين ٿيليسيميا ۽ ھيموفيليا جا مريض ھزارين ٻار صحت مند ٻارن جيان حياتيءَ گھاري سگھن.
اھا ڳالھھ بھ ڳڻتي واري آھي تھ سڄي ملڪ ۾ ٿيليسيميا جي مريض ٻارن جو تعدا وڌي رھيو آھي.جنھن جي لاءِ عوام ۾ ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاھي پئدا ڪري ئي ھن خطرناڪ مرض کي ختم ڪري سگھجي ٿو.اھڙي مھم پرنٽ،اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ھلائي سگھجي ٿي.جھڙي ريت پنجاب جي صوبائي حڪومت ٿيليسيميا پرونشن پروگرام جي تحت سڄي صوبي ۾ ٿيليسيميا بابت آگاھي ۽ مفت ٽيسٽن جي سھولت فراھم ڪري رھي آھي.اھڙي ريت ُسندس فائونڊيشن پڻ ٿيليسيميا جي تدارڪ جي لاءِ مفت ٽيسٽن جون سموريون سھولتون فراھم ڪري رھي آھي.جنھن مان ھزارين ماڻھو اھو فائدو حاصل ڪري رھيا آھن.