حڪمران هن وقت جنهن سياسي بحران ۾ ڦاسجي چڪا آهن ان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هاڻي وچان رستا ڳولي رهيا آهن جنهن ۾ هو غير آئيني ۽ غير جمهوري طريقا استعمال ڪرڻ تي سوچي رهيا آهن. پر اهي رستا سندن جزوي اقتدار لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ فائدو وري ڪي ٻيون ڌريون وٺنديون ۽ ملڪ اڌ صدي پوئتي هليو وڃي.
هن وقت قوم شش و پنج جو شڪار آهي ۽ امڪاني سياسي و معاشي بحران مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پريشان آهي جڏهن ته حڪمران پي ٽي آءِ کي جڪڙڻ جو مضبوط رستو ڳولي ڇڏيو آهي. حڪمران ڌر ن ليگ جيڪا ووٽ ڪو عزت دو جو نعرو هڻي ٿڪجي پئي هئي اها هاڻ غير جمهوري هٿڪنڊن کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي جنهن موجب سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي کي ٿڏڻ لاءِ پي ٽي آءِ تي بندش وجهڻ سان گڏوگڏ انجي قيادت خلاف بغاوت ۽ آئين سان غداري وارا ڪيس هلائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي پر اهڙي ڪنهن به عجلت ۾ غلط فيصلي ڪرڻ ۽ قدم کڻڻ سان ان جا ن ليگ کي خوفناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا جو اها سياست ۾ اڪيلائپ جو شڪار نه ٿي وڃي.
هونئن به ن ليگ هن وقت اڪيلائپ جو شڪار آهي ۽ پنهنجي سياسي قوت گهٽائي چڪي آهي ان جا وڏي انگ ۾ اڳواڻ پارٽي ڇڏي پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي چڪا آهن. عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي به هڪ بيان ۾ ن ليگ کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته پي ٽي آءِ تي بندش وجهڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. خدا نه ڪري جيڪڏهن ن ليگ عجلت ۾ اهڙو قدم کڻي ٿي ته ٿي سگهي ٿو پ پ پ سميت ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون اهڙي قدم جي سخت مخالفت ڪن ۽ ن ليگ کان پنهنجا رستا الڳ ڪن جنهن جي توقع به رکي وڃي ٿي. قوم نٿي سمجهي ته پ پ پ حڪمرانن کي اهڙي ڪنهن به قدم کڻڻ جو مشورو ڏئي يا منع ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 13 جج آهن جڏهن تي ان ۾ وڌيڪ چار جج ائڊهاڪ طور شامل ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن بعد ججن جو انگ 17 ٿي ويندو ۽ انهن ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس به 19 جولاءِ تي سڏايو ويو آهي. سياسي ۽ وڪيل تنظيمن جو خيال آهي ته ائڊهاڪ جج کڻڻ جو مقصد ڪو ٻيو آهي جنهن سان چيف جسٽس کي حمايت يافته جج ملي ويندا جنهن سان هو پنهنجي پسند جا فيصلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن پي ٽي تي بندش ۽ بغاوت وارا ڪيس هلن ٿا ته اهي پي ٽي آءِ تي اثرانداز به ٿي سگهن ٿا.
حڪومت سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري فيصلي تي عمل درآمد روڪرائڻ لاءِ رويو پٽيشن به داخل ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي به اڳتي هلي ٻڌڻي ٿئي. سياسي پارٽين تي بندش وجهڻ ۽ سياستدانن تي سازش ۽ بغاوت جا ڪيس هلائڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي هن کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ به نعپ تي بندش پئجي چڪي آهي ۽ ان جي اڳواڻن تي حيدرآباد ۾ بغاوت جا ڪيس هليا آهن جنهن سان به ان دور ۾ سياسي ميدان ۾ وڏو خال پئدا ٿيو هو نفرتن جنم ورتو هو. بلوچستان ۾ امن امان جي نالي سان آپريشن ٿيا جن ۾ بيگناهه ماڻهو مئا پوءِ به مسئلو ڳالهين وسيلي حل ٿيو هو.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان ڪي رنجشون ۽ اختلاف آهن ته اهي ڳالهين وسيلي ختم ٿي سگهن ٿا. انتقامي روين سان جمهوريت ڪڏهن به اسري نٿي سگهي. جيئن ڀٽو دور حڪومت ۾ منفي سوچ رکندڙ صلاحڪار ۽ قانوندان موجود هئا اهڙي طرح هن وقت به منفي سوچ رکندڙ صلاحڪار ۽ وزير ن ليگ حڪومت ۾ به شامل آهن جيڪي نٿا چاهين ته شريف ڀائر جمهوري انداز ۾ حڪومت ڪن. ماضي ۾ ن ليگ جو ملڪ جي خوشحالي ۽ عوامي خدمت ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت به ملندي رهي آهي ۽ هن وقت اها سياسي جماعت پنجاب تائين محدود رهجي وڃي ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اتحادين جو سهارو وٺڻو پويس ڪيڏي نه سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. ن ليگ کي اقتدار کان هٽي ڪري پارٽي کي مضبوط ڪرڻ واري جمهوري سوچ رکڻ گهرجي جنهن سان اڳتي هلي کيس پنهنجي طاقت سان ٻه ڀاڱي ٽي واري اڪثريت حاصل ڪري سگهي. هن وقت جيڪڏهن پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪا طاقت آهي ته اها ان جي مثبت سوچ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن ان جي حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ها ته اها هن وقت سياسي ميدان تان خود غائب هجي ها.
اهي به اطلاع آهن پي ٽي آءِ تي بندش وجهڻ سان گڏ ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو به فيصلو ٿي چڪو آهي جيڪڏهن اهي به نافذ ٿين ٿيون ته ملڪ جون حالتون ويتر خراب ٿي سگهن ٿيون جيڪي ن ليگ جي سوچ کان پري هونديون. ملڪ جي مستقبل جو فيصلو پارليامينٽ عدالتن ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌرين کي ڪرڻ گهرجي. اهڙيون ڪي به حالتون پئدا نه ڪيون وڃن جنهن سان ملڪ ڪنهن غير جمهوري ۽ غير آئيني بحران ۾ جڪڙجي وڃي. اهي به امڪان آهن ته هڪ سياسي پارٽي جنهن جي وجود کي عدالت تسليم ڪري چڪي آهي ان تي بندش لڳائڻ سان عالمي ادارا به تحرڪ ۾ اچن ۽ پاڪستان جي مالي و اخلاقي مدد کان انڪار ڪن جنهن سان وڏو معاشي بحران به جنم وٺي سگهي ٿو. بهتر طريقو اهو آهي ته ن ليگ ڪجهه ٿڌائپ جو مظاهرو ڪري هر ڳالهه پارليامينٽ وسيلي حل ڪري ته جيئن جمهوري ۽ عدالتي عمل کي ڪو نقصان نه پهچي.
جيئن ته پ پ پ وفاق ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي اتحادي آهي ۽ گذريل ٻن سالن کان اتحادي رهندي پئي اچي جمهوري ۽ آئيني سوچ رکي ٿي ان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ صدر آصف علي زرداري اڳتي وڌي ن ليگ کي ڪنهن به غير جمهوري ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ۽ پارليمينٽ جو بچ ڪري ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ملڪ جو جمهوري تسلسل هڪ ڀيرو وري رڪجي وڃي ۽ ملڪ جو مستقبل اونداهو نه ٿئي.