ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر جي جنگي صورتحال سبب پاڪستان ۽ افغانستان جي فضائي حدن مان اوور فلائنگ وڌي وئي.
فلائيٽ ريڊار موجب موجوده صورتحال ۾ پاڪ افغان فضائي حدن مان ڪيترائي روٽ دنيا جا مصروف ترين ڪوريڊور بڻجي ويا آهن.
فائيٽ ريڊار مان ورتل تصويرن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي فضائي حدن ۾ اڏامن جي واضح رش ڏسي سگهجي ٿي.
سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فضائي حدن مان اوور فلائننگ وڌڻ سبب ايوي ايشن انڊسٽري کي لکين ڊالر منافعو حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.
Next Post
You might also like