جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو سڏ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي حڪومت طرفان پيٽرول ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو سڏ ڏئي ڇڏيو.
جماعت اسلامي ترجمان قيصر شريف چيو ته جماعت اسلامي تيل اگهن ۾ واڌ رد ڪري ٿي، اهو عوام تي ظلم آهي. هن چيو ته اگهن ۾ واڌ ڪنهن صورت برداست ناهي، جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندي ۽ امير حافط نعيم الرحمان ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندو.
هن چيو ته عوام دشمن اپائن خلاف حق ڏيو عوام کي تحريڪ هلائي رهيا آهيون، عوامي حقن لاءِ روڊن تي به نڪرنداسين، عدالتن ۾ به وينداسين، مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻي تان نه اٿنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.