صدر ۽ وزيراعظم پاران بنون حملي جي مذمت، دهشتگردي جي خاتمي جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بنون ڪينٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اسان جي جوانن وقت سر ڪارروائي ڪري قوم کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو، سموري قوم پنهنجي بهادر جوانن جي قرباني تي فخر ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ مان دهشترد عنصرن جو پاڙان خاتمو ڪيو ويندو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن پونئرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان دهشتگردي کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، سموري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، دهشتگردي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن.
وزيراعظم پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.