عمران خان جي 11 ڪيسن ۾ رمانڊ منظوري جو لکت ۾ حڪم جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني جو جناح هائوس ۽ ٻين 11 ڪيسن ۾ ريمانڊ منظوري جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو ته جاچ موجب پي ٽي آءِ باني گرفتاري جي صورت ۾ ڪارڪنن کي عسڪري ٺڪاڻن تي حملي جو چيو.
لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ميچنگ ٽيسٽ، پولي گرافڪ ۽ فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ لاءِ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني جي واٽس ايپ وڊيو ڪال ذريعي حاضري لڳائي وئي.
لکت ۾ حڪم موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته جڏهن ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته هو معافي ڇو گهري؟ عمران خان جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي درخواستن جي مخالفت ڪئي.
لکت ۾ حڪم موجب جوابدار تي جديد ڊيوائيسز ذريعي مجرماڻي سازش پکيڙڻ جو الزام آهي، پوليس کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وائيس ميچنگ ٽيسٽ سميت ٻي جاچ ڪرڻي آهي، انصاف جي اصولن کي نظر ۾ رکندي جاچ جي عمل ۾ خلل نه پوڻ گهرجي.
لکت ۾ حڪم موجب پي ٽي آءِ باني جو سڀني ڪيسن ۾ 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي ٿو، جوابدار کي 25 جولاءِ تي وڊيو لنڪ ذريعي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.