11 قسمن جا پاپڙ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار، نالا سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ فوڊ اٿارٽي هڪ نجي ڪمپني کي حڪم ڏنو آهي ته هو پنهنجا 11 پيڪ ٿيل پاپڙ فوري طور تي مارڪيٽ مان واپس گهرائي ڇو ته هڪ ليبارٽري طرفان انهن اسنيڪس کي ماڻهن جي استعمال لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل مزمل حسين هاليپوٽو چيو ته سلينٽي ويجيٽيبل، اسنيڪرز هاٽ مسالا، اسنيڪرز پيزا، ٽوئچ ڪلاسڪ، پوٽيٽو اسٽڪس، چيز بال مسالا، چيز بالز چيز، ڪائي ڪورين هاٽ، ڪائي اسپائسي مالا، ڪائي مالا ووڪ ۽ ڪائي ڪورين ڪيمچي جي جاچ ذريعي اها ڳالهه سامهون آئي ته اهي انساني صحت لاءِ ٺيڪ نه آهن.
هنن ڄاڻايل ڪمپني انتظاميا کي ٽن ڏينهن ۾ انهن شين کي مارڪيٽ مان واپس گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته ان ڊيڊ لائن کانپوءِ ڪمپني خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.