” اٻوجهه ماڻهن سان وڏو دوکو ٿي رهيو آهي“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي وراسٽائيل اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ هو ان ڪوڙ جو عادي ٿي ويو آهي.
هڪ انٽرويو دوران اداڪار چيوته پهريان هو سوشل ميڊيا تي پاڻ بابت ڪوڙين شيون ڏسي پريشان ٿي ويندو هو پر هاڻ انهن جو عادي ٿي چڪو آهي.
نواز الدين صديقي چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي خبر اهڙي تصوير پيش ڪئي ويندي آهي جيڪا سچ ناهي هوندي ۽ ماڻهن ان تي يقين به ڪري وٺندا آهن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن ته اِهو ساڻن تمام وڏو دوکو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو پهريان سوشل ميڊيا جي بنياد تي ساٿي فنڪارن بابت راءِ قائم ڪندو هو پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.